سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت عمران خان جي درخواست تي اعتراض ختم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس کليل عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سمنڊ پار پاڪستانين کي ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق نه ڏيڻ خلاف عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن تي ان چيمبر ٻڌڻي جسٽس سجاد علي شاهه ڪئي.

سپريم ڪورٽ رجسٽرار درخواست تي سڌي ريت سپريم ڪورٽ اچڻ ۽ لاڳاپيل فورم تي نه وڃڻ جا اعتراض لاڳو ڪيا هئا.

جسٽس سجاد علي شاهه رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس کليل عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ وجهڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.