اسان نه مُڙنداسين، انسٽاگرام ۾ ڦيرڦار جو سلسلو جاري رهندو: ڪمپني

انسٽاگرام جي سربراهه چيو آهي ته ڪمپني طرفان ايپ ۾ ويڊيو کي ترجيح ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو.

انسٽاگرام جي سربراهه پنهنجي هڪ ويڊيو بيان چيو ته ايپ کي فوٽوز کان ويڊيو تي تبديل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو.

هن خيال ظاهر ڪندي چيو ته انسٽاگرام وقت سان گڏ وڌ کان وڌ ويڊيو مواد تي ٻڌل ايپ بڻجي ويندي.

پنهنجي ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته ايپ ۾ فوٽوز لاءِ سپورٽ برقرار رهندي پر واهپيدارن جو رويي ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ انهن طرفان ويڊيوز کي ڏسڻ ۽ شيئر ڪرڻ جو سلسلو وڌي رهيو آهي ۽ اسان کي ان تبديلي آڏو سر جهڪائڻو پوندو.

ياد رهي ته انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ عورت ڪائيلي جينر پنهنجي اسٽوري هڪ ٻئي واهپيدار جي پوسٽ شيئر ڪندي انسٽاگرام کي ٻيهر پهرين جهڙون بڻائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.