پنجاب کانپوءِ وفاق جو وارو، عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم فيصلا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي تيز ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پنجاب کانپوءِ هاڻ عمران خان جو ايندڙ هدف وفاقي حڪومت هوندي، ان حوالي سان عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پارٽي اڳواڻن کان مختلف معاملن تي تجويزون به ورتيون ۽ پارٽي اڳواڻن کي عام چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي.

عمران خان چيو ته چورن جي ٽولي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، عوام جاڳي پيو آهي، ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه ايندو، قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير ڪوڙو آهي ۽ ڪير سچو.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب سچ جو ساٿ ڏنو، قوم کي اڳتي جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.