موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن جي حوالي سان نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 29 جولاءِ تائين شهر ۾ ڪڻ ڪڻ ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جي شديد برساتن جو سبب بڻجندڙ گهٽ دٻاءُ اولهه ۾ عمان ڪناري ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ٻيو اولهه راجسٿان تي ٺهندڙ گهٽ دٻاءُ اتر اولهه راجسٿان ۽ اتر اوڀر سنڌ تي موجود آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن دوران نواب شاهه، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ ڪراچي،  بدين، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي کان وچولي مينهن جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو سلسلو 29 جولاءِ تائين جاري رهي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.