هي همايون سعيد جي پيار ڪرڻ جي عمر ناهي: نور بخاري

اڳوڻي ادڪارا نور بخاري ادڪار همايون سعيد جي نئين فلم ۾ ڪردار بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

همايون سعيد جي فلم ” لنڊن نهين جائونگا“ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي ريليز ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ساڻس گڏ مهوش حيات ۽ ڪبري خان مک ڪردار ادا ڪيو آهي.

نور بخاري انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن فلم جي ڪهاڻي لائن کي ڪمزور قرار ڏنو.

هن فلم جي هدايتڪار نديم بيگ کي ساراهيو ۽ لکيو فلم جي ڊائريڪشن زبردست هئي ۽ فلم کي بهتر انداز ۾ شوٽ ڪيو ويو هو، اداڪار به شاندار هئا پر لو اسٽوري؟

اڳوڻي اداڪارا چيو ته هي پيار ڪهاڻي همايون سعيد جي عمر مطابق ٺيڪ نه پئي لڳي، هن عمر ۾ پيار ناهي ٿيندو، فلم جي ڪهاڻي تمام گهڻي ڪمزور هئي.

هن همايون سعيد کي صلاح ڏيندي چيو ته هاڻي ٿورو مئچور ڪردار ادا ڪريو، اهڙو ڪردار هضم ڪرڻ ڏکيو هوندو

بعد ۾ پنهنجي انسٽا اسٽوري ۾ نور وضاحت پيش ڪئي ته همايون سعيد سندس  پسنديدا اداڪار آهي، هو اسڪرين تي زبردست نظر ايندو آهي پر مونکي لڳي ٿو ته هو رومانوي ڪردارن سان وڌيڪ انصاف ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته سندس سموريون فلمون پسند اٿم.

واضح رهي ته فلم لنڊن نهين جائونگي جي ڪهاڻي مشهور ليکاري خليل الرحمان قمر لکي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.