کنوڻ ڪرڻ سبب 20 ڄڻا سڙي فوت

کنوڻ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ ويهه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميديا جي رپورٽن موجب ڀارتي رياست بهار جي 8 ضلعن ۾ پيش آيل واقعن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اختيارين طرفان ملڪ جي ڏاکڻي رياستن ۾ وڌيڪ گجگوڙ ۽ کنوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

بهار رياست ۾ پيش آيل واقعن بعد وڏو وزير طرفان عوام کي انتطاميا طرفان جاري ڪيل حفاظتي اُپائن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته فوتين جي وارثن کي چار، چار لک رُپيا مالي امداد ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.