آسٽريلوي ڪرڪيٽر ملڪ بدران پئسن کي اهميت ڏيڻ لڳا، ڇرڪائيندڙ خبر اچي وئي

آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ کانپوءِ جڳ مشهور اوپننگ بيٽر به بگ بيش ليگ نه کيڏڻ جي اجازت گهري ورتي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڊيوڊ وارنر طرفان بي بي ايل کي ڇڏڻ جو امڪان آهي ۽ اوپنر بي بي ايل ۾ حصو نه وٺڻ بابت ڪرڪيٽ آسٽريليا کي پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽڻ موجب ڊيوڊ وارنر ڪرڪيٽ آسٽريليا سان يو اي اي ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏڻ جي اجازت گهري آهي ڇاڪاڻ ته ڏکڻ آفريڪا جي ون ڊي سيريز منسوخ ٿيڻ کانپوءِ سمورا آسٽريلوي ڪرڪيٽرز ليگ کيڏڻ لاءِ  دستياب هوندا.

ذريعن موجب يو اي اي ليگ ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽر طرفان ٽن ورهين لاءِ 2.1 ملين آسٽريلوي ڊالرز ۾ معاهدي جو امڪان آهي.

انٽرنيشنل ڪمٽمنٽس سبب ڊيوڊ وارنر 9 ورهين کان بي بي ايل ناهي کيڏيو جڏهن ته آسٽريلوي بورڊ هن سال بي بي ايل لاءِ وڏن نالن جو خواهشمند آهي.

ياد رهي ته فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ پهرين ئي ليگ تان هٿ کڻي چڪو آهي.

اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايڊم گلڪرسٽ جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا وارنر کي ٻي ليگ جي اجازت ڏني ته اهو ڪمرشل آپگهات هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.