پريانڪا چوپڙا ” سروگيسي “ ذريعي وڌيڪ ٻارن جي پيدائش جو ارادو ڪري ورتو

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ سندس مڙس آمريڪي راڳي نڪ جوناس سروگيسي ذريعي وڌيڪ ٻارن جي پيدائش بابت فيصلو ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب نڪ ۽ پريانڪا ٻئي وڌيڪ ٻارن جا خواهشمند آهن ۽ سندن خيال آهي ته ڀيڻ ڀاءُ وڌيڪ هئڻ گهرجن، تنهن ڪري هنن پنهنجي ڌيءُ بابت سوچيندي وڌيڪ ٻارن جي پيدائش جو ارادو ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارا ٻئي ٻار جي خوشخبري ٻڌائيندي پر ان معاملي ۾ ڪجهه وقت گهربل آهي.

واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا نڪ جوناس وٽ هلندڙ سال جنوري ۾ سروگيسي ذريعي ڌيءَ جي پيدائش ٿي جنهن جو نالو مالتي رکيو ويوهو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.