آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ڪپتان بابر اعظم جي ايونٽ ۾ ڪارڪردگي تي دارومدار رکي ٿي.
آءِ سي سي جي ڊيجيٽل پروگرام ۾ ڳالهائيندي رڪي پونٽنگ چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي عالمي ۾ سٺو نه کيڏندو ته پاڪستان ايونٽ نٿو کٽي سگهي.
رڪي پونٽنگ چيو ته مون کيس ڪجهه ورهيه اڳ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ذاتي طور ۽ ويجهي کان ڏٺو هو ان موقعي تي مون کيس چيو هو ته جيستائين ٽيسٽ بيٽنگ جو سوال آهي هن لاءِ آسمان ئي حد آهي، بابر پوئين ورهين دوران پنهنجي راند ۾ وڌيڪ بهتري آندي آهي.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان موجب پاڪستان جا اوپنرز اهميت رکن ٿا ۽ سندن بالر پڻ اهميت رکن ٿا پر آسٽريليا ۾ اسپن بالرن جو ڪردار وڪيٽن جي حوالي سان ڪجهه ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو شايد کين گهربل مدد نه ملي.
رڪي پونٽنگ اڳڪٿي ڪندي چيو ته فائنل ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا ئي آمهون سامهون هوندا ۽ مونکي رڳو اهو چوڻو آهي ته فائنل ۾ آسٽريليا فائنل ۾ ڀارت کي هارائيندو.