ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو آهي.
انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 236 رپيا 2 پئسا آهي، ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر جو اگهه 3 رپيا 9 پئسا وڌيو آهي.
اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 4 رپيا وڌي 241 رپيا آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي وقتي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد به هڪ بيان ۾ چيو هو ته عالمي معيشت ۾ ڪيترائي بحران هڪ ئي وقت اڀرندي نظر اچي رهيا آهن، سياسي بي يقيني سبب فيصلي سازي ۾ نقصان ڏيندڙ دير ٿي.