وفاقي حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطحي تبديلي ڪندي ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڊي جي ايف آءِ اي راءِ طاهر کي عهدي تان هٽائڻ ۽ ان جي جاءِ تي محسن بٽ کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن بٽ پوليس سروس جو 22هين گريڊ جو آفيسر آهي.

ذريعن موجب راءِ طاهر کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيٽر لڳايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.