لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کان سوشل ميڊيا تي سوال پڇو آهي.
مريم نواز طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلطي ڪيوَ ته لاڏلي جي حق ۾، غلطي درست ڪيوَ ته اُها به لاڏلي جي حق ۾ ؟ ڪيئن جسٽيفاءِ ڪندئو کليل اڃا به اُگهاڙي ناانصافي کي؟
غلطی کی تو لاڈلے کے حق میں، غلطی کی تصحیح کی تو بھی لاڈلے کے حق میں؟ کیسے جسٹفائی کریں گے اس کھلی بلکہ ننگی ناانصافی کو؟ یہ بھی عدالتی قتل ہوا ہے مگر اس بار مقتول عدل و انصاف ہے! یہ کیا کر بیٹھے آپ چیف جسٹس صاحب؟ pic.twitter.com/YH7QbtewcM
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) July 27, 2022
ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ لکيو ته هي به عدالتي قتل ٿيو آهي پر هن ڀيري مقتول عدل ۽ انصاف آهي! چيف جسٽس صاحب اهو ڇا ڪيوَ؟