گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي بيان تي فواد چوڌري جو سخت ردعمل، وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏيائين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله طرفان پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري ڌمڪي کانپوءِ فواد چوڌري به وفاقي حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان ردعمل ڏيکاريو ته پوءِ حڪومت نه رهندي، ڪور ڪميٽي اڄ فيصلو ڪندي ته اسلام آباد ۾ ڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي.

هن چيو ته راڻا ثناءُ الله هينگون نه هڻي پر گورنر راڄ جي شق پڙهي وٺي.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته گورنر راڄ جون ڳالهيون خبر هئڻ گهرجي ته پنجاب ۾ عوامي راڄ لڳي چڪو آهي، اسلام آباد ٽول پلازه کان ٻاهر نڪرو ته شهباز شريف جي حڪومت هونئن ئي ختم ٿي وڃي ٿي، هي عوامي ردعمل ٻه ڪلاڪ به برداشت نٿا ڪري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.