سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال

حاڪم نصيراڻي

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ جي امڪاني طور تي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال کي ڏسجي ته نتيجا ملڪ لاءِ غيرمناسب آھن. پنجاب جي هاڻوڪي صورتحال کي ڏسندي ن ليگ جي سياست جو انداز تبديل ٿيندو پيو وڃي. ن ليگ حڪومت ۾ ھوندي مخالف ڌر واري سياست جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي. ن ليگ  پي ڊي ايم۽ حڪومتي اتحاد گڏيل طور تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ڪجھه ججن خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آھي جنهن جو پهريون حملو سومر تي فل ڪورٽ جي مطالبي سان شروع ٿيو. مريم نواز سميت سڄي قيادت برنچ مٿان اعتراض واري پنهنجي خدشا ظاهر ڪيا. اخلاقي طور تي ائين ٿيندو آھي جيڪڏھن فريادي يا جوابدار ڌر ڪنهن معزز جج صاحب مٿان بي اعتمادي جو اظھار ڪري ته اهو معزز جج صاحب اهو ڪيس نه ٻڌندو آھي پر هتي ته پوري بينچ مٿان بي اعتمادي جو اظھار ڪندي الزام مڙھيو ويو ته ن ليگ جي ڪيسن ۾ ھميشه اهي ٽي جج بينچ جو حصو ڇو هوندا آھن؟

سپريم ڪورٽ ن ليگ سميت سڀني پارٽين جي اعتراضن کي رد ڪندي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي پرويز الاهي کي پنجاب جو نئون وڏو وزير بڻائي ڇڏيو ۽ گورنر کي حلف کڻائڻ جو حڪم به ڏيئي ڇڏيو. جڏھن ته ن ليگ جي حمزه شھاز جي وڏ وزارت جو حلف ڪيترائي ڏينهن رولڙي جو شڪار رهيو هو.

جئين ته پنجاب جي سياسي صورتحال ته تبديل ٿئي پئي هاڻي اتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ پرويز الاهي جو تخت سلامت رهي سگجي ٿو يا نه؟

قانوني طور تي جيڪو فيصلو آيو ان جا اثر ته وقت تي ظاهر ٿيندا پر هن وقت مريم نواز ۽ سندس ٽيم جو رويو جارحانه ٿيندو پيو وڃي. مريم نواز طلال چوڌري سميت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا صاحب جي زبان به سخت ٿيندي پئي وڃي ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سياسي ميدان ۾ وڏو هُل هنگامو ٿيڻ وارو آھي. ن ليگ سمجهي ٿي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان سخت زبان استعمال ڪرڻ تي ڪو پڇاڻو نه پيو ٿئي. ان ڪري کيس سمجهايو ويو آھي ته مخصوص ادارن ۽ ماڻھن خلاف سخت زبان استعمال ڪرڻ سان کين ڪجهھ نه ٿيندو. ن ليگ جي مريم نواز جا سوشل ميڊيا تي آيل بيان خطري جي گهنٽي وڄائن پيا.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ملڪي سياست ۾ چوڌري شجاعت جي اهميت تمام وڏي وڌي وئي آھي . خاص طور تي پي ڊي ايم جي سياست ڪورٽ جي طوفاني وهڪري ۾ لڙھي رهي آھي بس چوڌري شجاعت ئي واحد ٻيڙي وارو آھي جيڪو کين منزل تي پهچائي سگهي ٿو. ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ته ڪالعدم ٿي وئي هاڻي اتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا چوڌري شجاعت پنهنجي پارٽي جي منحرف ٿيل ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرائي سگهي ٿو يا نه ؟ جيڪڏھن اهو اختيار پارٽي سربراهه بدران پارلياماني ليڊر کي ڏنو ويو ته پوءِ پرويز الاهي کي ڪو به هٽائي نه ٿو سگهي پر جي اهو اختيار پارٽي سربراهه کي ڏنو ويو ته وڏي چوڌري هٿان ننڍي چوڌري جي اقتدار جو خاتمو ٿي ويندو.جيئن ته آصف علي زرداري ملڪ کان ٻاهر آھي ان ڪري مولانا فضل الرحمٰن وڃي چوڌري شجاعت سان مليو. نواز شريف به پنهنجي ڀاءُ ۽ سياسي ساٿين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آھن. آصف علي دبئي مان واپس آيو ته چپ ڪري نه ويهندو.

عمران خان جي سياست نئين انداز سان اڳتي وڌندي پئي وڃي. مخالف ڌر ۾ هوندي ڪاميابي مٿان ڪاميابيون سندس پير پيون چمن. اهي ڪاميابيون گھڻن پرده نشينن کي بي پرده پيون ڪن. ڪجهھ ماڻھن جو خيال آھي ته معاشي حالتون خراب ڏسي عمران خان هٿ سان سڄو ڊرامو ڪرائي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرائي ڇڏيو ۽ پي ڊي ايم کي وائکو ڪري وڌو. سياسي مهرا وقت تي استعمال ڪندي پنهنجي غلطين کي ڌوئي ڇڏيو ۽ سڄي بدنامي وري پي ڊي ايم جي کاتي ۾ وجهي ڇڏي.

عمران خان جي پارٽي نئين چونڊن جو مطالبو ڪري پئي هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته پنجاب جي حڪومت ملڻ کان پوءِ نين چونڊن جو مطالبو ٿئي ٿو يا پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت هوندي اليڪشن طرف ويندي. پنجاب جو اهم مورچو سنڀالڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ وفاقي سرڪار لاءِ وڌيڪ مٿي جو سور ٿي وئي آھي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا ڪارڪن بغير ڪنهن جهل پل جي وفاقي حڪومت جوم متيون منجهائي سگهي ٿي.

جئين ته فيصلا سنڍ نه هوندا آھن ان ڪري سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي فيصلي جي نتيجي جو به انتظار ڪجي ٿو ته ان فيصلا جا ملڪي سياست تي ڪهڙا اثر پون ٿا. ڪٿي تاريخ ۾ اهو رات دير سان آيل فيصلو ڪارن حرفن ۾ لکيو ته نه ويندو؟ هن فيصلي کان پوءِ حڪومت جون نيون ياريون هلي سگهنديون يا نه؟ باقي لڳي ائين ٿو سنگت سياسي پارٽين جي ڄنڊا پٽ جون خبرون ٻڌي مزا وٺي رهي آھي. اسان ننڍڙي سطح تي ڪنهن وڏيري ڀوتار کان سواءِ پنهنجا فيصلا نه پيا ڪيون باقي اهي سياسي پارٽيون بغير ڪنهن طاقتور ڌر جي ڪئين گڏجي ويهي فيصلا ڪنديون ؟ جي هاڻي به سياسي پارٽين سهارا وٺي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ انهن جو خدا حافظ آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.