اي حڪمرانو! خدارا هاڻي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو

عجيب پيرزادو /ڀٽائي آباد ڪراچي

خبر ناھي ته ڪرسيءَ  جي هيءَ جنگ ڪڏھن ختم ٿيندي، ڇاڪاڻ جو ڪرسي جي ان ويڙهه سبب اسان جي ملڪ جي معيشت تباھ برباد پئي ٿئي ۽  بيروزگاري  ملڪ ۾ چوٽ چڙھي وئي  آھي ۽ هوڏانهن اسان جون سڄاڻ ڌريون سوشل ميڊيا تي اھو راڳ پيون الاپن ته  اسان جو حمايتي  ڪامياب ڪڏھن ٿيندو،  جڏهن ته ملڪ جو ٻيڙو تباھ ۽ برباد لڳو پيو آهي.

سو حڪومت ۽ سڄاڻ ڌرين کي عرض آھي ته  ھاڻي  گھڻو ٿيو، اسان توھانکي ووٽ ان لاءِ  نه  ڏنا ھيا ته  پنھنجو سڄو زور پنھنجي ڪرسيءَ  ئي بچائڻ ۾ لڳائي ڇڏيو.  ھاڻي اسان تي رحم ڪيو ڪٿي ايئن نه  ٿئي  جو توھان جي ان عمل سان ڪنھن غريب جي آھ آسمان تي پھچي ۽ الله  جي لٺ  ھن ملڪ تي ھلڻ شروع ٿي وڃي.

مان ھڪ پاڪستاني  شھريءَ  جي حيثيت سان حڪمرانن کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان جيڪي اسان جي ووٽ سان ايوانن ۾ آيا آھن سي ھاڻي پنھنجي ڪرسيءَ  جي ڳڻتي کي  ڇڏي،  اسان مسڪين عوام جو سوچن ۽ ان ڏي ڌيان ڏين ته ملڪ ۾ ترقي  ٿيـندي  ۽ اسان جو عوام خوش ٿيندو  پوءِ  اسان توھانکي  دعائون به  ڏينداسون ۽ وري  توھانکي  ايئن  پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي  ڪامياب ڪنداسون!!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.