ڪوئٽا ۾ گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو۽ سرڪار جي بي حسي

بلوچستان جي گادي واري شھر  ڪوئٽا ۾زيارت واقعي خلاف  ۽ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ شھر جي ريڊ زون ايريا ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ڌرڻي کي پنج ڏينھن مڪمل ٿي ويا آھن پر  بلوچستان حڪومت جو ڪو بھ ذميوار نھ پھتو آھي.نھ رڳوا يترو پر پرامن احجتاج ڪندڙ سان ڪنھن بھ طرح جو ڪو رابطو نھ ڪيو ويو آھي.احتجاجي ڌرڻي ۾ اي اين پي جو صوبائي در ۽ بلوچستان اسميبلي جو ميمبر اصغر خان اچڪزئي،گم ٿيلن جا مٽ مائٽ ۽ ڪجھھ سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ آھن.

ڌرڻي ھڻندڙن  سان گم ٿيلن جا وارث يڪجھتي طور ھنن سان ويٺل آھن، احتجاج ڪندڙن سمورين سياسي ڌرين،انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ ٻين آئين ۽ قانون تي يقين رکندڙ ماڻھن کي اپيل ڪئي آھي تھ ھنن جو ساٿ ڏين ۽ ھنن جو آواز بڻجن.

بلوچستان ۾ ڳچ عرصي کان جبري گمشدگين جا ڪيس رپوٽ ٿيندا رھيا آھن،ان بابت ملڪ جي اعليٰ عدالتن جا در بھ کڙڪايا ويا آھن پر ھن اھم مسئلي جو ڪو حل نھ نڪري سگھيو آھي.جنھن ڪري بلوچستان جو عوام محروم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رھيو آھي. ملڪ جي سڀني کان وڌيڪ پوئتي پيل صوبي بلوچستان مان ماڻھن جو اغوا ٿيڻ يا جبري گمشدگين  وارو مسئلو  ملڪ جو سڀني کان وڏو  مسئلو بڻجي چڪو آهي.بلوچستان جي سياسي اڳواڻن موجب اٽڪل پنج ھزار ماڻھو گم آھن ۽گمشدگين جا وڌيڪ واقعا 2015 کان 2016 جي وچ ۾ ٿيا آهن،پر اھو سلسلو تاحال جاري آھي ۽ اھو ڪڏھن بھ ختم نھ ٿيو آھي.

بلوچستان جو هي مسئلو ڪافي اھم آهي جنھن ڏانھن مڪمل سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي پر بدقسمتي سان ڪا بھ سياسي ڌر ھن پاسي ڏانھن ڌيان ڏيڻ يا غور ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. سمورين سياسي پارٽين کي گھرجي تھ هن حساس معاملي کي نبيرڻ جي لاءِ ملڪي سطح تي جوڳي اڳڀرائي ڪئي وڃي.

هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ قانون کان مٿبرا قدم ڪير ڪير کڻي رهيو آهي؟ يا انھن طاقتن کي ڪهڙين قوتن جي هٿي مليل آهي جو بنا ڪنهن جواز ۽ سبب جي کنڀي گم ڪيل شاگردن توڙي عام ماڻھن کي عدالتن جي ڪٽهڙي م نٿو آندو وڃي ؟

ماڻھو ھڪ مڪمل زندگي آھي جڏھن ڪنھن بھ سبب جي بنياد تي اھو گم ٿئي  ٿو يا اغوا ٿئي ٿو تھ نھ رڳو ھڪ گھر پر ان سان لاڳاپيل ٻار ٻچا ۽ مٽ مائٽ توڙي  سمورو سماج ڀڃ ڊاھھ جو شڪار ٿئي ٿو،ڪنھن سان نظرياتي اختلاف تھ ٿي سگھن ٿا يا ڪنھن جي سوچ جدا تھ ٿي سگھي ٿي پر ھن وقت دنيا گھڻو اڳتي نڪري وئي آھي جنھن تحت انھن سمورن معاملن کي نبيرڻ جو سماج ۽دنيا جي لاءَ قبوليت جوڳو حل ڪڍي سگھجي ٿو،پر ان طريقي جو رويو اختيارين ۽ عوام وچ ۾ موجود اعتماد جي وڇوٽي کي اڃان وڌائڻ جو سبب بڻبو.

هن ملڪ جي آئين ۾ هڪ عام شهري کي مليل حقن کان بلوچستان جو عام ماڻهون ڇو محروم آهي ؟ سرڪار يارياست جي اھڙن روين سبب ننڍن صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ محرومي جو احساس جنم وٺي ٿو، جيڪو اڳتي هلي ڪري شدت پسندي جو سبب بڻجي ٿو.

ملڪ جي اشرافيا اهڙو ماحول جوڙي ٿي جنهن سان منفي رويا جنم وٺي رهيا آهن، بلوچ شاگردن کي گم ڪرڻ واري عمل سان عوام ۾ ڪاوڙ ۽ چڙ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن سان هن سماج جي هم آهنگي وڏي پئماني تي متاثر ٿي رهي آهي.

سادي ڳالھھ تھ ھي آھي تھ جيڪا بھ ڌر حڪمران آھي اھا ئي عوام جي جان مال ۽ عزت جي محافظ ھوندي آھي جيڪڏھن اھا ناڪام ٿيندي تھ عوام جو اھڙي حڪمراني تان ويساھ کڄي ويندو.

ملڪ تي حڪومت ڪندڙ سياسي پارٽين کي گھرجي تھ بلوچستان مان گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي واري ھڪ سنجيدھ  معاملي کي حقيقي طور حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي،ان سان بلوچستان جي حالتن ۾ بھتري جو بھ امڪان پيدا ٿيندو تھ وري عوام ۾ پڻ اعتماد وڌندو.

ھن وقت ملڪ ۾ جيڪا سياسي ڇڪتاڻ جاري آھي اھا اڳي ئي ملڪ جي سياست ۽ معيشت کي وڏو نقصان پھچائي چڪي آھي،جنھن ۾ روز روز وڌندڙ تڪرار ۽ غير سياسي روين سان سموري ملڪ جي ھر طبقي ۾ پريشاني پکڙجي وئي آھي،نتيجي ۾ اھو مسئلو جيئن جيئن گھرو ٿيندو پيو وڃي ان سان عوام ۾ وڌيڪ مونجھارا پيدا ٿي رھيا آھن جنھن جو معاشري تي گھڻو اثر پئجي رھيو آھي،تنھنڪري بھ ملڪ ۾ سياسي ھم آھنگي جي لاءِ اھو  ضرور ٿي ٿو وڃي تھ سمورن طبقن سان ڳاليھون ڪري انھن کي ميڙي مٺ ڪجي،اھڙي اڳڀرائي موجود حڪمرانن کي ئي ڪرڻ گھرجي، جنھن جا بھرحال ملڪ ۾ مثبت نتيجا نڪرندا.

جيتوڻيڪ سياسي ڌريون آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي دعوايٰ  ڪنديون رھيون آھن پر ٻئي پاسي اھا بھ حقيقت آھي تھ اقتدار ۾ اچڻ بعد ھر  حڪومت هن انساني حقن جي سنگين معاملي کي ايجنڊا ئي گم ڪري  ڇڏيو آهي، جيڪڏھن ڪن  حڪومتن گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي بامعنيٰ طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ  ڪجهه هٿ پير به هنيو پر ان جو ڪو به جوڳو حل نھ نڪري سگھيو.

ڪنھن بھ ملڪ جي عدليه، عوام کي آئين ۽ قانون ۾ ڏنل حقن جي محافظ هوندي آهي  ان ڪيترا ئي  جرئتمنداڻا فيصلا پڻ ڪيا آھن پر وري بھ صورتحال ساڳي رھي آھي.

جيڪڏھن ملڪ جو اختياريون ۽ سياسي جماعتون چاھين تھ مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سٺي شروعات ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ئي  معاملو اڳتي هلي ڪنهن مناسب رخ ڏانهن وڌي سگهي ٿو.ان جي لاءِ ڪجھھ فيصلي ڪرڻ واري قوت ۽ اخلاقي جرئت جي گھربل آھي.توقع ڪجي ٿي تھ سرڪار ھن پاسي گھربل ڌيان ڏئي عوام جي ڏکن،سورن جو حقيقي علاج ڳولي ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.