صدر آرمي چيف جي وقت کان اڳ مقرري واري ڳالهه تان وري ڦري ويو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ ) صدر عارف علوي چيو آهي ته آرمي  چيف جي وقت کان اڳ مقرري ۾ حرج ناهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو  ته آرمي چيف جي مقرري وقت کان اڳ ڪرڻ ۾ڪو به حرج ناهي، ملڪ ۾ فوج جو آئيني ڪردار ناهي هوندو.صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت هنيئر تائين 74 سمريون اماڻيون آهن، 69 سمريز ان ئي صحيح ڪري اماڻي ڇڏيون هيون، نيب آرڊيننس، اي وي ايم ۽ گورنر پنجاب بابت سمري روڪيون هيون، اهي سمريون روڪڻ لاءِ مون تي ڪو دٻاءُ نه هو، صدر کان سوال ڪيو ويو ته آرمي چيف جي مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي، راءِ آهي ته بحرانن جي سبب اها پهرين ٿي وڃي ته ڪيئن رهندو؟ ان تي عارف علوي چيو ته مشورو ايترو خراب ناهي، اهو معاملو زميني حقيقت آهي ۽ اهو معاملو ڊائيلاگ سان حل ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته منهنجون وزيراعظم سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن، اهو تاثر غلط آهي ته منهنجا وزيراعظم سان لاڳاپا ٺيڪ ناهن، جڏهن کان هي حڪومت آئي آهي ان مون کي 74 سمريون موڪليون، 74 مان 69 سمريون انهيءَ ڏينهن صحيح ڪري موڪلي ڇڏيون، انهن سمرين جي معاملي تي عمران خان سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي پر نيب ۽ اي وي ايم مشينن جي سمري تي صحيح نه ڪئي، هن چيو ته نيب ترميمي آرڊيننس، اي وي ايم مشين ۽ گورنر پنجاب بابت سمريون مون روڪيون، انهن سمرين کي روڪڻ تي مون تي ڪنهن به طرف کان ڪو به دٻاءُ نه هو، منهنجي پنهنجي  ذهن ۾ ڪجهه سوال هئا، ان سبب انهن ڪجهه سمرين کي روڪيو پر اي وي ايم، نيب جي سمري تي عمران خان سان به ڪا به ڳالهه نه ٿي، هن چيو ته عمران خان سان آخري ڳالهه ان وقت ٿي هئي جڏهن پنجاب ۾ گورنر جو اشو هو، صدر طور مون وٽ اختيار ناهي ته ڪنهن کي چوان ته ڊائيلاگ ڪريو، چاهي ته ايوان صدر ڊائيلاگ ڪرائي سگهي ٿو پر ان وٽ اهڙي ڪنهن ڊائيلاگ جو اختيار ناهي، ڊائيلاگ انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن سمورا اسٽيڪ هولڊر راضي ٿين، سموريون ڌريون راضي ٿين ته ايوان صدر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته  مون کي چيو وڃي ٿو ته آرمي، نيول يا ايئر چيف سان گڏجي ڪردار ادا ڪريان جيڪو مان نٿو ڪري سگهان، پارلياماني نظام ئي بهترين آهي، بار بار ڪو تڪرار شروع نٿو ڪرڻ چاهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته جيڪڏهن وقت ۽ حالتون بدلجي وڃن ته توهان کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته نيوٽرل کي هميشه نيوٽرل رهڻ گهرجي، صدر وٽ اسيمبليون ٽوڙڻ جي اختيار جي خلاف آهيان، افسوس جي ڳالهه آهي ته اعليٰ عدالت ۾ اهو ماحول ڏسي رهيا آهيون، جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس بابت صدر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي تلور جي شڪار جي فيصلي کي ساراهيو هو، جسٽس فائز بابت مون کي جيڪو ريفرنس موڪليو ويو اهو مون اڳتي موڪلي ڇڏيو، هن چيو ته جنهن به غداري ڪئي آهي ان تي آرٽيڪل 6 ضرور لڳايو، مون نه آئين ٽوڙيو آهي نه ئي غداري ڪئي آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي هن چيو ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ نٿو چاهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،هوڏانهن ايوان صدر صدر مملڪت عارف علوي سان منسوب فوج جي آئيني ڪردار ۽ آرمي چيف جي وقت کان اڳ مقرري بابت بيانن جي وضاحت ڪئي آهي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڪجهه ٽي وي چئنلن صدر مملڪت سان منسوب بيان هلايو ته ” فوج جو ملڪ ۾ ڪو به آئيني ڪردار ناهي“ ايوان صدر چيو ته صدر جي فوج جي آئيني ڪردار جي حوالي سان بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، غلط بيان کي صدر مملڪت سان منسوب ڪيو ويو، ايوان صدر مطابق صدر چيو ته فوج جو ڪردار آئين جي آرٽيڪل 8 ٿري اي، 39،243 ۽ 245 ۾ لکيل آهي، فوج جو ڪردار آئين جي فورٿ شيڊول جي انٽري نمبر 1۽ 2 ۾ لکيل آهي، صدر چيو ته خبر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، اهو غلط آهي، صدر چيو ته آرمي چيف جي مقرري مروج طريقيڪار ذريعي ٿئي ته کيس ڪو به اعتراض نه هوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.