آڪٽوبر ۾ چونڊن جي ڳالهه فوجي سربراهه هڪ شادي تقريب ۾ ڪئي!

لاهور (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي ظفر نقوي اٽڪل 3 ڏينهن اڳ خبر ڏني هئي ته هڪ ڪور ڪمانڊر جي نياڻي جي شادي تقريب ۾ فوجي سربراهه سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي هئي، جن مان هڪ شخص ٻڌايو ته اتي فوجي سربراهه ڪجهه شخصيتن سان ڪچهري دوران چيو هو ته آڪٽوبر ۾ چونڊن جي تياري ڪريو، صحافي ظفر نقوي موجب اسٽيبلشمنٽ جي ذميوارن مونسان فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته اوهان جي ان خبر ۾ ڪابه صداقت نه آهي، چونڊون ڪرائڻ نه فوجي سربراهه نه فوج ۽ نه ظفر نقوي جو ڪم آهي اهو حڪومت ۽ سياسي پارٽين جو مسئلو آهي، صحافي جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمنٽ جو موقف به ڏنو آهي ان سان گڏ پنهنجي نيوز تي به قائم آهيان، ڇوته ڪنهن عام ذريعي کان مليل ناهي، انتهائي اهم ذريعي کان خبر ملي ۽ پوءِ ٻين ذريعن کان خبر جي تصديق ڪئي، ان بعد نشر ڪئي آهي،اهو ئي سبب آهي جو هاڻي هر ٽي وي چئنل  ۽ سياسي حلقن ۾ آڪُٽوبر ۾چونڊن بابت بحث هلي رهيو آهي، هاڻي اهو افواهه به پکڙيوآهي ته دبئي ۾هڪ اهم شخصيت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان خبر جي ڪٿان به تصديق نه ٿي رهي آهي پر جيڪڏهن وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ غور هيٺ آهي ته پوءِ آصف زرداري جي راضپي بنا اهو ڪم ممڪن نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.