پرويز الاهي جو عمران خان کي فون، مبارڪباد

اسلام آباد(م ڊ) نئين چونڊيل وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي عدالتي فيصلو ايندي ئي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ٽيليفون ڪيو، عمران خان چوڌري پرويز الاهي کي مبارڪباد ڏني، چوڌري پرويز الاهي کيس ساڍي 11 وڳي حلف وٺڻ جي باري ۾ به آگاهه ڪيو، هوڏانهن مونس الاهي به عدالتي ڪمري مان ٻاهر نڪرندي ئي چوڌري پرويز الاهي کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مبارڪباد پيش ڪئي،

پرويز الاهي جي ايوان صدر ۾ حلف برداري

اسلام آباد(م ڊ) ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي لاهور کان اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي جتي صدر مملڪت هن کان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف کڻائيندو، عدالتي فيصلي کانپوءِ گورنر پنجاب بليغ الرحمان چوڌري پرويز الاهي کان حلف کڻائڻ کان معذرت ڪئي هئي، ايوان صدر ۾ حلف برادري رات 2 وڳي ٿيندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.