پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر ججن جي مقررين ۽ پروموشنز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. فرحت الله بابر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد کي سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته پارليامينٽ ميمبر ۽ پي ڊي ايم وارا آئين جو آرٽيڪل 191 پڙهن. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 191 تحت سپريم ڪورٽ عدالتي ڪارروائي جو طريقي ڪار طئي ڪندي آهي. هوڏانهن پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، فرحت الله بابر جو ٽوئيٽ ري ٽوئيٽ ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.