برسات جا راڱا، وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، لکين ماڻهو ڦاٿل، کاڌ خوراڪ جو بحران

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر(نمائندا) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه چوٿين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو، مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪراچي ۾ 6 ڏينهن لاءِ شهرين جي سمنڊ جي ڪناري تي ونهنجڻ ۽ مهاڻن جي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.ڪمشنر ڪراچي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمنڊ جي ڪناري تي وهنجڻ ۽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته شهري سمنڊ ڪناري وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پابندي تي عمل ڪن.گذريل رات درساڻو ڇنو ويجهو ملير ندي ۾ ٻڏي ويل ٽن نوجوانن چنيسر مري , حيات مري ۽ صاحب مري کي ريسڪيو ٽيمن ڇهن ڪلاڪن بعد با حفاظت ڪڍي ورتو،  گمبٽ ھندو محلا ۾ گذريل رات دير سان رتن ڪمار جي گھر جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي ۽ ٻن معصوم ٻارڙن  سميت 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، فوت ٿي ويلن ۾ گھر ڌڻي 50 سالا رتن ڪمار ۽ سندس 2 پٽ سندر  ۽ ٻالچند شامل آھن ، جڏھن ته زخمي ٿي ويلن ۾ سندس 2 نياڻيون ٽينا ۽ انو راڌا  شامل آھن ، اطلاع تي پاڙي وارن پنھنجي مدد پاڻ تحت ملبي ھيٺ دٻجي فوتين ۽ زخمين کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪرايو، خيرپور ضلعي ۾ 18 لک کان وڌيڪ کجين جي وڻن جو بيٺل فصل ڏوڪا ۽ ڏنگ مڪمل ڇڻي تباھ ٿي ويا آهن  نوابشاھ لڳ سٺ ميل جي ڳوٺ غلام اصغر چانڊيو ۾ غريب ڳوٺاڻي امام الدين چانڊيو جو ڏھن ورھين جو پُٽ اسد چانڊيو گھر جي ديوار ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي مون سون جي وقفي وقفي سان جاري تيز ۽ هلڪي برسات سبب شهر جا سمورا روڊ، رستا، مکيه ڪاروباري مرڪز، اسپتالون، آفيسون ۽ تعليمي ادارا برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، جنهن سبب شهري سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،  موهن جو دڙو ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، قديم آثارن ۾ برسات جو گوڏي جيڏو پاڻي بيهي وڃڻ سبب سنڌ جي عظيم ۽ قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن کي شديد نقصان، آثار جهري ۽ ڀري پيا، 50 کان وڌيڪ قديم ڀتيون سخت متاثر ٿي ويون آهن، شاھبندر تعلقي جي ساحلي پٽي م تيز طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي.ڪيترا ئي ڳوٺ پاڻي ھيٺ.ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،   ڪاڇي، ڊرگھ بالا۽ آسپاس جي علائقي ۾ گذريل چئن ڏينھن کان برساتون پوڻ ڪري زندگي مفلوج بڻجي وئي، نئين گاج 23فوٽ وھي اچڻ ڪري ٻوڏ جي صورتحال ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ پاڻي سبب سوين ننڍن وڏن ڳوٺن جو دادو جوھي کان زميني رابطو ڪٽجي ويو ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ ٻوفو ککراڻيء جو رستو ڪچو ھئڻ ڪري برساتي پاڻيءَ سبب شھر يا ڀر پاسي وارن علائقن کا زميني رابطو ڪٽجي ويو  غوثپور شهر ۾ 4 ڏينهن گذرڻ باوجود برسات جو سلسلو جاري رهيو، گُجي شھر ۾ برساتن جو پاڻي گھرن مان نيڪال نه ٿي سگھيو، انتظامي نااھلي خلاف متاثرين جو قومي شاھراھ تي ڌرڻو هنيو ويو جوهي شھر کي به برساتن ٻوڙي ڇڏيو، ڪرونڊي لڳ برسات جي وسڪاري ۾ گھر جا سمورا ڪوٽ ڪري پٽ ٿي ويا، مٽياري ضلعي ۾ سانوڻي جي برساتن تباھي مچائي ڇڏي شھر توڙي ڳوٺ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل .روڊ رستا اکڙيجي ويا،  سڳيون ۾ مسلسل طوفاني برساتن سبب ايس ايم بچاء بند ۾ وڏا گهارا پئجي ويا،  سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياء جي مڏ بچاء بند ، منگلي بچاء بند ۽ ميڪارو بند تي جي چاڙھ سبب ڪچو ٻڏڻ لڳو ،سامارو لڳ ھيرل سم نالي ۾ برساتي پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري سم نالي ۾ مختلف ھنڌن تان گھارا پوڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آھي.  سيٺارجا۽ آس پاس ۾ مسلسل پوندڙ چوماسي برساتن تباھي مچائي ڇڏي شھر توڙي ٻھراڙيءَ جا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل ھلندڙ برسات رحمت مان زحمت بڻجي وئي، ٽنڊو محمد خان شهر جي وڏي آبادي واري علائقي ٽالپر ڪالوني ۾ پوندڙ برساتن جو بيٺل پاڻي مقامي انتظاميه پاران نيڪال نه ٿيڻ واري عمل خلاف ڪالوني جي سوين رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ،ٽنڊي الهيار ۾ تعلقي جهنڊومري جي مورياڻي ڍنڍ اٿلڻ سبب 20 کان مٿي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو، عمرڪوٽ سميت مختلف علائقن شادي پلي ـ صوفي فقير ـ بچابند ـ غلام نبي شاھ ۔پٿورو ۔ڍورنارو۔ ڪنري ۔سامارو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پنجي ڏينهن  وقفي وقفي سان   تيز  برسات جو سلسلو جاري رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.