اتحادي اقتدار ڇڏيندا يا کسجڻ جو انتظار ڪندا؟

اسلام آباد (تجزيول : نجم سيٺي) اتحادي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، نامياري تجزئي نگار نجم سيٺي جوچوڻآهي ته هاڻي اتحادي  پاڻ اقتدار ڇڏڻ جو فيصلو ڪن ٿا يا اقتدار کسجڻ جو انتظار ڪن ٿا، منهنجي خيال ۾ (ن) ليگ کي هاڻي چونڊن ۾ وڃڻ لاءِ مضبوط بيانيو ٺاهڻ جي ضرورت آهي ڇو ته پنجاب جو سياسي بحران ختم ٿيڻو ئي  نه آهي. رضا رومي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عدالت مان حمزا شهباز خلاف فيصلو اچي ٿو ته اهو دراصل اسلام آباد خلاف تصور ڪيو ويندو. نجم سيٺي  جو چوڻ هو ته فيصلو  ڪهڙو به اچي بحران ختم نه ٿيندو ڇو ته اتحادي حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ جي مدد  حاصل نه آهي ۽ عمران خان ڪٿي نه ڪٿي اڃا تائين لاڏلو آهي، ان ڪري ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾صورتحال تبديل ٿي ويندي ۽ اتحادي حڪومت نه رهندي.بهتر اهو آهي ته اتهادي پاڻ اقتدار ڇڏي هليا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.