سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، برسات دوران تباهه ڪارين جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي: قومپرست/سماجي اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن ۽ سماجي اڳواڻن، سنڌ ۾ هلندڙ برساتن دوران ٿيل تباهڪاري جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي تھ تازين برساتن ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ فوري طور تي رليف آپريشن شروع ڪري برسات دوران حادثن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ماڻھن جي پوئنيرن کي 50، 50 لک ڏيڻ سان گڏ سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. اهڙو مطالبو ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ايس يو پي جي نائب صدر روشن ٻرڙو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ اندر هلندڙ برساتن سبب جيڪا تباهي آئي آهي، ان جو اصل ڪارڻ 15 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پ پ قيادت آهي، جن سنڌ کي ترقي ڪرائڻ بدران نقصان ڏنو آهي. هنن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين برساتن دوران شهر توڙي ڳوٺ ڊيمن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، پر سنڌ جا حڪمران ڪوبه جامع قدم کڻڻ بدران صرف فوٽو سيشن ڪرائڻ ۾ پورا آهن. هنن چيو ته 2009ع ۾ حيدرآباد جي ڊرينيج سسٽم لاءِ 36 ڪروڙ روپين جو پيڪيج ڏنو هو، جيڪو مڪمل نه ٿيڻ کانپوءِ هاڻ وري 7 ارب روپين جي رقم خرچ ڪئي وئي آهي، پر ڪٿي به اسڪيم مڪمل نه ٿي آهي. هنن چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيون نمبر وڏوشهر آهي اتي ايڇ ڊي اي، واسا، توڙي ميونسپل جا ادارا ناڪاره بڻيل آهن، جنهن ڪري شهر جي سمورن علائقن حيدرآباد سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد جا شهري برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، سندن ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ساڳئي صورتحال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ ۾ ڊزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي کي ريسڪيو لاءِ متاثر علائقن ۾ رليف فراهم ڪرڻ گهرجي، برساتن دوران مري ويل 30 ماڻهن جي پوئنيرن جي هر هڪ کي 50 لک روپيا ڏنا وڃن، جتي نقصان ٿيو آهي اتي جي رهواسين کي مهيني جو راشن ڏئي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي سمورا قرض معاف ڪيا ڃن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.