بلوچستان ۾ تباهين جا داستان، فوتين جو انگ 105 ٿي ويو، رابطو ڪٽيل

ڪوئيٽا( م ڊ) بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 104 کان وڌي ويو آهي. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. پليون ۽ رستا لڙهي وڃڻ سبب ملڪ سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڪوئٽا ۽ ڪراچي شاهراهه به پنج هنڌن تان بند آهي. بولان ۽ سبي ۾ ايندڙ وهڪرن 40 ورهين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڊيري بگٽي، قلعه سيف الله ۽ موسيٰ خيل ۾ 3 ٻار فوت ٿي ويا. پي ڊي ايم اي موجب فوتين جو انگ 104 ٿي ويو آهي، 61 زخمي ٿي ويا آهن. ڏهه هزار کان مٿي گهر تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا آهن.  هنگول وٽ ڪوسٽل هاءِ وي تي ٻوڏ سبب گوادر جو ڪراچي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. ان حوالي سان نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي اهلڪارن پڻ شهرين کي مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.