”پارليامينٽ بچايو“ رضا رباني جو اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي خط

اسلام آباد (م ڊ) بين الصوبائي رابطن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رضا رباني قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو. رضا رباني خط ۾ لکيو آهي ته اشرافيا وفاق ۽ پارلياماني نظام جي سياسي، معاشي، ثقافتي رخن کان تعريف نٿي ڪري سگھي، ملڪ ۾ به اشرافيا جو هڪ حصو ايوبين آهي، جيڪو 1962ع کان آئين بحال ڪرائڻ چاهي ٿو. هن خط ۾ چيو ته بدنيتي سان پارليمينٽ جي شموليت کي ختم ڪري صوبن کي محروم ڪيو پيو وڃي. رضا رباني چيو ته پارليامينٽ کي منظم انداز سان تباهه ڪيو پيو وڃي، هاڻ پارليامينٽ جو وقار وکرڻ شروع ٿي ويو آهي، اختيارن جو پائمال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. سندس موجب پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيارن تي سوال اٿاريا پيا وڃن، هاڻ نرم مداخلت جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي سڌي ريت پارليامينٽ کي متاثر ڪنديون. رضا رباني اپيل ڪئي آهي ته توهان گڏجي آئين موجب پارليامينٽ جي تحفظ جا قدم کڻڻ شروع ڪيو، پارليمينٽ جي موجوده پريزائيڊنگ آفيسرن جو اجلاس طلب ڪري ان کي بچائڻ لاءِ سفارشون ترتيب ڏنيون  وڃن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.