لسٻيلي ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون، هزارين ماڻهو ڦاٿل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) لسٻيله جي علائقي اوڙڪي سميت لاکڙا جي مٿانهين علائقي ۾ شديد ٻوڏ واري صورتحال آهي، ماڻهو چئني پاسن کان پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، اوڊڪي جي مقام جي 300 جي لڳ ڀڳ مري برادري جا ماڻهو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، متاثرن پاڪ ڪتاب کڻي انتظاميا کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻوڏ سبب زراعت کي به ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، مالوندن جا ڪيترائي جانور برساتي وهڪرن ۾ لڙهي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ضلعي انتظاميا لاکڙا انتظاميا سان رابطو ڪري ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منتقلي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر پاڻي گوڏي کان به مٿي بيهڻ سبب امدادي ڪاررواين ۾ به مشڪلات پيش آهي، متاثرن چيو ته اسان جا معصوم ٻار آهن، ڪيڏانهن وڃون، هاڻي ته جان جو خطرو ٿي ويو آهي، فوري طور مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.