ميرپورخاص ڀرسان يتيم نينگري سان لڄالٽ، ڪيس داخل

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو) 12ميرپورخاص لڳ ڳوٺ ٽوھ خاصخيلي ديهه 106 جي رهواسڻ 12 ورهين جي نينگري (ن) خاصخيلي سان وحشي صفت نوجوان شهباز ڀٽي پاران لڄالٽ جو نشانو بنائڻ جو واقعو پيش آيو آهي، واقعي بعد  ناري کي لڄالُٽ جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف ٿيڻ تي سندس ڀاءُ رياض علي جي فرياد تي ميرپورخاص جي وومين ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هو مٿي ڄاڻايل ايڊريس تي پنهنجن ٻن ڀائرن ۽ 12ورهين جي ڀيڻ سان گڏ رهندو آهي گھر جو گذرسفر لاءِ چنگجي هلائيندو آهيون ڪجھه ڏينهن کان منهنجي ڀيڻ سخت پريشان لڳي پئي ۽ روئيندي رهندي هئي جنهن تي کائنس پڇيو ته هن ٻڌايو ته منهنجي ڪم تي وڃڻ ۽ ننڍن ڀائرن جي مدرسي وڃڻ بعد گھر جو دروازو بندي ڪري ويٺل هئس ته گھر جو دروازو کڙڪيو جنهن تي دروازو کوليو ته منهنجو دوست شهباز ڀٽي در تي بيٺل هو دروازو کولڻ شرط هو گھر اندر داخل ٿي گھر جو دروازو بند ڪري مون کي ٻانهن مان جھلي ڪمري ۾ وٺي وڃڻ بعد مون سان زوري لڄالُٽ جو نشانو بنائڻ بعد ڪنهن سان ان واقعي جو ذڪر نه ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيئي هليو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد ناري جو سول اسپتال ميرپورخاص مان طبي چڪاس لاءِ آندو ويو جتان يتيم معصوم نينگري جا طبي چڪاس لاءِ جزا ورتا ويا، پوليس جي ذريعن موجب لڄالُٽ جو نشانون بڻيل ناري جي طبي چڪاس جي ابتدائي غيرحتمي طور نينگري سان لڄالٽ ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار گھر کي تالو هڻي فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ان حوالي سان رابطوڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس يتيم نينگري جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن جو ميڊيڪل چڪاس پڻ ڪرايو ويو آهي ۽ ميڊيڪل رپورٽ جو انتطار آهي جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جوابدار کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.