ڪراچي جو غازي ڳوٺ اي بلاڪ ڊاهڻ جي وري ڪوشش، سڌي فائرنگ، ٻارڙي سميت 2 زخمي

گلشن اقبال( رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ تي ٻيهر چڙهائي ڪري گهر ڊاهڻ جي ڪوشش تي رهواسي رستن تي نڪري آيا. ٻارن ۽ عورتن تي شيلنگ ڪئي وئي.سچل ٿاڻي جي پوليس جي وڏن اٽالن ۽ بلڊر مافيا جي خانگي هٿياربندن عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ   مسمار ڪرڻ لاءِ ٻيهر چڙهائي ڪئي ته رهواسي عورتون ۽ مرد ٻاهر نڪري گهر ڊاهيندڙ شاول روڪي سخت احتجاج ڪيو جنهن تي پوليس مٿن سڌي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مرد ۽ ٻارڙو زخمي ٿي پيا پوليس جي چڙهائين  خلاف سوين عورتن، مردن سان گڏجي اظهر گارڊن مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن مسمات صدوري، صائمہ، زاهده قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءِ دانهيندي چيو ته بلڊر خالد يوسفي، مرتضي کوسو پوليس کي وڏي رشوت ڏئي گهر مسمار ڪرائي رهيو ايس ايڇ او اورنگزيب خٽڪ هر روز پوليس ۽ خانگي هٿياربند وٺي اچي سڌي فائرنگ ڪري ٿو اڄ اسان جي مٿان گوليون هلايون ويو آهن پوليس اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون پئي ڏئي ۽ احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن جي مٿان ڏهه ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪيون آهن جيڪو سراسر ظلم آهي. پ پ اڳواڻن بشير خاصخيلي، راشد خاصخيلي، ڪامريڊ شبير راڄپر چيو ته هي اسان جون قديم آباديون آهن پر بلڊر مافيا انهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن  سنڌ جو وڏو وزير ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ۽ ڳوٺن کي مڪمل حق تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪري. 03

ڪراچي مان سنڌين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي: خير محمد مگسي

ڪراچي(رپورٽر)ايس ٽي پي ڪراچي ڊويزن جي صدر خير محمد مگسي چيو آهي ته ڪراچي ۾سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ ۽ سنڌين کي بيدخل ڪرڻ جو ڪافي عرصي کان ڪم ھلي رھيو آھي جنھن ۾ٍ مختلف بلڊر سرڪار جي آشيرواد سان جتي به زميني لوڪيشن سٺي ڏسن ٿا اتي سنڌي وسندين کي زبردستي خالي ڪرائي سوسائٽيون ۽ پلازا  تيار ڪري ڇڏين ٿا،هن چيو ته تازو ڪراچي مٍ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لاءِ پوليس جي چڙهائي ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آھي،غازي ڳوٺ قديمي ڳوٺ آھي جنھن کي بلاجواز مسمار ڪرڻ افسوسناڪ آھيڳوٺ جي ماڻھن جڏھن پنھنجا گھر بچائڻ لاءِ  پرامن احتجاج ڪيو ته پوليس احتجاج ڪندڙ عورتن ٻارن تي ڪڙڪي پئي فائرنگ، شيلنگ ۾ ڪيترائي ٻار ۽ عورتون زخمي ٿيا آهن، پوليس جي ان ڪُڌي عمل جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته سنڌ سرڪار کان اھو مطالبو ٿا ڪيون ته غازي ڳوٺ جي زمين ڳوٺاڻن جي آھي اتان پنھنجي نفري فورن هٽائي وڃي ٻي  صورت مٍ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

عدالت اي بلاڪ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڳوٺاڻن جي پٿراءُ تي شيلنگ ڪئي: ايس ايڇ او اورنگزيب خٽڪ

گلشن اقبال: ايس ايڇ او سچل ٿاڻو اورنگزيب خٽڪ ميڊيا کي ٻڌايو پوليس کي ڪورٽ ۽ مٿان کان حڪم مليل آهي ته اِي بلاڪ ۾ تعمير ڪيل گهرن کي مسمار ڪيو جنهن جا اسين پابند آهيون ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ پوليس مٿان پٿراء ڪرڻ بعد شيلنگ ڪئي وئي. 03

ڌرتي ڌڻي پنهنجي وطن ۾ به بي وطن آهن: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ ڊاھڻ لاءِ حملو ڪرڻ، ڳوڙھا گئس ۽ فائرنگ ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  ڪراچي ۾ بلڊر مافيا سڀ کان وڌيڪ  طاقتور آھي. سنڌين جا قديمي ڳوٺ پڪا نٿا ڪيا وڃن. ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻي پنھنجي وطن ۾ به  بي وطن آھن. ڪراچي ۾ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ تي حملي کانپوءِ رھواسي عورتن سميت روڊن تي اچي ويا. پوليس ۽ انتظاميا  انھن سان ڳالھيون ڪرڻ ۽ کين تحفظ ڏيڻ بدران پرامن احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مٿان شيلنگ ۽ لٺبازي شروع ڪئي، جنھن ۾ 5 عورتن سميت 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اياز لطيف پليجي چيو ته  ھڪ طرف سرڪار غير قانوني پرڏيھين کي سنڌ ۾ آباد پئي ڪري، انھن جي تازين ٺاھيل غير قانوني ڪچين آبادين جي حمايت ۾ قانون ۽ بل پئي آڻي ۽ ٻي طرف ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي ئي وطن، پنھنجي ئي تخت گاھ ڪراچي ۾ بي گھر پئي ڪري.قومي عوامي تحريڪ ان ظلم، اڳرائي، غير قانوني حملي ۽ تشدد جي سخت مذمت ٿي ڪري ۽ ڳوٺ تي حملو ڪندڙن جي فوري گرفتاري ۽ سمورن سنڌي ڳوٺن جي اصلوڪن رھواسين کي فورن قانون، سندون ۽ مستقل مالڪاڻا حق ڏيڻ جو مطالبو ٿي ڪري. اياز لطيف پليجي چيو ته  ڪراچي ۾ لکين افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي رھن ٿا، انھن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. سنڌ ۾ تمام وڏي غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آھي. ڪراچي ۾ روزگار، صحت، تعليم جا ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موقعا آھن. انڪري سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، سانگھڙ، ٿرپارڪر سميت سمورن ضلعن جي نالن سان رھائشي اسڪيمون شروع ڪري. انھن اسڪيمن ۾ انھن ضلعن جي ماڻھن کي سستا قسطن تي پلاٽ ڏنا وڃن ته  جيئن بيروزگار ماڻھو پنھنجي گادي واري شھر منتقل ٿي اتي روزگار ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري سگھن.

سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ جي مذمت ڪريون ٿا: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي،سينيئرنائب صدر ڪامريڊ حڪم چند،جنرل سيڪريٽري احمدنواز انقلابي،فنانس سيڪريٽري عالم زيب ميمڻ،سوشل سيڪريٽري جبار باغي،پريس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اعجاز شر پاران گڏيل جاري بيان ۾ چيو ته ڪراچي ۾ انڪروچمنٽ جي نالي تي سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ جي مذمت ڪيون ٿا سنڌي ماڻهو نڌڻڪا ناهن سندن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو سنڌ حڪومت ڏاڍ جي زور تي گهر ڊاهي کوليل دهشتگردي ڪري رهي آهي ڪراچي ۾ آباد ڌارين جي ڪالونين کي ريگيولرائيز ڪيو پيو وڃي ۽ ڌرتي جي وارثن لاء ڌرتي تنگ پئي ڪئي وڃي اهڙي روش برداشت نه ڪئي ويندي سنڌين جا گهر ڊاهيندڙ حڪمرانن جي رستا روڪڪئي ويندي اهو ڪهڙو قانون جيڪو وڏن چورن لاء ناهي غريب جا اجها به ڊهرائي پيو سنڌ هاري ڪاميٽي مطالبو ٿي ڪري ته آپريشن کي روڪيو وڃي ۽ ڌرتي جي وارثن کي ريگيولر ڪري گهر جا دستاويزات ٺاهي ڏنا وڃن پنهنجي ماروئڙن کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون هر ممڪن مدد ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.