فوج ۾ ترقيون، 32 برگيڊيئر ميجر جنرل ٿي ويا، سنڌي آفيسر به شامل

راولپنڊي( م ڊ)  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ پروموشن بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس دوران پاڪ فوج جي 32 برگيڊيئرز جي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقين جي منظوري ڏني وئي آهي. ترقيون ماڻيندڙن ۾ برگيڊيئر عمر نسيم، برگيڊيئر عباس علي، علي حيدر منهاس، محمد عباس، برگيڊيئر محمد شاهد ابڙو، برگيڊيئر لقمان حفيظ، برگيڊيئر ياسر الاهي، برگيڊيئر شاهد پرويز شامل آهن. برگيڊيئر احسان وقاص ڪياني، برگيڊيئر اظهر ياسين، برگيڊيئر قيصر سليمان، برگيڊيئر هارون اسحاق راجا، برگيڊيئر عامر امين، برگيڊيئر هارون حميد چوڌري کي به ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. برگيڊيئر وسيم اختر چيما، برگيڊيئر محمد حسين، برگيڊيئر شعيب بن اڪرم، برگيڊيئر ڪاشف خليل، برگيڊيئر ڪاشف عبدالله، برگيڊيئر امجد حنيف، برگيڊيئر فيصل نصير، برگيڊيئر احمد ڪمال ۽ برگيڊيئر سعيد الرحمان سرور کي به ميجر جنرل طور ترقي ڏني وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.