پرويز الاهي سياست ۾ دشمنيون پالڻ جو حامي ناهي

لاهور(م ڊ) گجرات جا چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جا حڪمران بڻجي ويا آهن، بي بي سي مطابق پهريون ڀيرو 2002ع ۾ جڏهن پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ته ان وقت ق ليگ جي نالي سان قائم ٿيل هن جي سياسي جماعت پنجاب ۾ 200 کان وڌيڪ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪيون هيون، 16 سالن کانپوءِ 2018ع جي عام چونڊن ۾ هن جي پارٽي پنجاب اسيمبلي ۾ رڳو 10 سيٽون کٽي سگهي، ان جي باوجود چوڌري پرويزالاهي پنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر جو عهدو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سياسي مبصرن مطابق چوڌري پرويز الاهي هونئن ته رڳو ٻه ڀيرا وڏ وزارت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي پر هن جي ان وزارت کي حاصل ڪرڻ جي خواهش لڳ ڀڳ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري هن جي صوبائي يا قومي سياست ۾ آمد پراڻي آهي، چوڌري پرويزالاهي عملي سياست ۾ سفر جي شروعات بلدياتي سطح کان ڪئي، تجزئي نگار سهيل وڙائچ چيو ته چوڌري پرويز الاهي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات 1977ع جي حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو بڻجي ڪئي هئي پوءِ هو بلدياتي سياست ۾ آيو، ان کانپوءِ صوبائي وزير بڻيو، 1986ع ۾ چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ۾ نوازشريف خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام وئي، ان وقت فوجي ڊڪٽيٽر ضيا الحق پنهنجي حمايت يافته وڏي وزير نوازشريف جي مدد لاءِ پهتو هو، سلمان غني مطابق جنرل ضيا جي مدد سان نوازشريف ۽ چوڌري پرويز الاهي ۾ معاملا طئي ٿيا، ان کانپوءِ پرويز الاهي نوازشريف سان گڏ هلندو رهيو، پ پ حڪومت ۾ جڏهن به کين جيل وڃڻو پيو، هو اسيمبلي اندر شهبازشريف جي غيرموجودگي ۾ قائم مقام مخالف ڌر اڳواڻ جا فرض به سرانجام ڏيندو رهيو، سهيل وڙائچ چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي مسلم ليگ پاران ان نظرئي تحت 1996ع ۾ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ ڏني وئي هئي ته آئنده ان کي قائد ايوان به بڻائي سگهجي ٿو، نوازشريف کيس پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ جو واعدو به ڪيو هو، 1997ع ۾ جڏهن ن ليگ چونڊون کٽي وئي ته ان واعدي جي ابتڙ شهبازشريف کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو، پر پرويز الاهي شهبازشريف جي ڪابينا جو حصو نه بڻيو، کيس پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر بڻايو ويو، سياسي مبصرن مطابق وڏي وزير طور تي پرويز الاهي پنهنجي ۽ پنهنجي جماعت جي پوزيشن بهتر بڻائيندو، وزيراعليٰ پنجاب ڪافي طاقتور عهدو آهي، سلمان غني چيو ته پرويز الاهي مرڪز ۾ وزيراعظم شهبازشريف سان اختلاف نه چاهيندو، هو سياست ۾ دشمنيون پالڻ جو قائل ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.