غيريقيني صورتحال، ڊالر 233 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو اڄ به جاري رهيو ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 رپيا 5 پئسا مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 232.93 رپين جو آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 3 رپيا 5 پئسا مهانگو ٿيو.ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 236 رپين جو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿيو آهي، ٻئي پاسي لاهور چيمبر آف ڪامرس جي صدر ميان نعمان ڪبير  چيو ته بئنڪن ۾ انٽربئنڪ ريٽ کان 10،20 رپيا وڌيڪ چارج ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، بئنڪن جي اضافي رقم وٺڻ سان بزنس ڪميونٽي کي ايل سي کولڻ ۾ سخت مشڪلات پيش آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.