ڇا عدليه ۾ ٽن کان سواءِ ٻيا جج ناهن: امير حيدر هوتي

اسلام آباد( م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ امير حيدر هوتي چيو آهي ته  عدليه بابت بڻجندڙ تاثر ٺيڪ ناهي، ڇا عدليه ۾ ٽن کان سواءِ ٻيا جج ناهن. امير حيدر هوتي چيو ته عدليه تشريح ڪري سگهي ٿي، آئين ۾  ترميم نه ٿي ڪري سگهي.  هن چيو ته عمران ڪنهن به اداري کي نه بخشيو،هن سان هڪڙو ۽ ٻين سان ٻيو سلوڪ پيو ٿئي. 03

متحده کي جهٽڪو، سنڌ ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ جي درخواست رد

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست تي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته ان معاملي تي وفاقي حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي،جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ته جواب جمع ڪرائي ڇڏي. ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت کان لکت ۾ جواب جلب ڪيو جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل استدعا ڪئي ته سنڌ حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو وڃي. عدالت سنڌ حڪومت کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چار آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.