ٽنڊو الهيار جي مورياڻي ڍنڍ تار، نقصان جو خدشو،لڏپلاڻ شروع، احتجاج

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) تعلقي جهنڊومري جي مورياڻي ڍنڍ اٿلڻ سبب 20 کان مٿي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خدشو ٻڌايو پيو وڃي ڳوٺاڻن جو انصاف لاء ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مورياڻي ڍنڍ اٿلڻ جي ڪري ڪپ تي آباد ڳوٺ حاجي جاني ساند سميت مختلف ڳوٺن جي گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڳوٺ بھادر حاجاڻو . موريو ساند . حاجي جاني ساند . لال خان لاشاري . مشائخ ھوٿي سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي. ڳوٺاڻن موجب ڪجه ڏينهن اڳ مشائخ شاخ کي گھاري پوڻ سبب مورياڻي ڍنڍ ۾ گنجائش کان مٿي پاڻي اچي ويو ھو برسات جي پاڻي سان گڏ سونھري شاخ جو پاڻي به مورياڻي ڍنڍ ۾ ڇڏيو پيو وڃي جڏهن ته مشائخ شاخ جي سمورن واٽر ڪورسن جو پاڻي به ڍنڍ ۾ خارج ڪيو پيو وڃي. ڳوٺاڻن موجب مورياڻي ڍنڍ 2011 واري ٻوڏ ۾ سموري علائقي ۾ وڏي تباھي آندي ھئي مورياڻي ڍنڍ ۾ ھاڻ ڪابه گنجائش نه بچي آھي علائقي ۾ وڏي تباھي اچي سگھي ٿي. ڳوٺاڻن ٽنڊوالهيار جي انتظاميا کان گھر ڪئي ته تڪڙا قدم کڻي ڳوٺاڻن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.