انصاف جي فتح ٿي، مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويو: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هن وقت جيترو گند نظر اچي رهيو آهي ان جو خالق آصف زرداري آهي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ راجا رياض هجي اتي وڃڻ جو ڪهڙو فائدو؟ حڪمران اتحاد جي حوالي سان هن چيو ته اها هڪ پاڪيٽ يونين آهي جيڪا پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بڻائي وئي آهي، انهن پارٽين ۾ ڪو ربط، هڪ جهڙائي ناهي، نه انهن جو منشور هڪ آهي نه نظريو، نه جهنڊو نه هڪ نشان، اهو غيرفطري الائنس آهي جيڪو وکرجندو نظر اچي رهيو آهي،هن چيو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۾ اعتماد ۽ رابطن جو رشتو اهو آهي ته انهن لابي ڪرڻ لاءِ طارق فاطمي کي واشنگٽن موڪليو آهي، جڏهن ته بلاول زرداري ان کان بي خبر آهي،سپريم ڪورٽ فيصلي تي هن چيو ته اڄ انصاف جي فتح ٿي آهي، پاڪستان جي عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ حمزا شهباز جي بڻايل ڪابينا ٽوڙي ڇڏي، پنجاب جي ماڻهن 17 جولاءِ تي واضح فيصلو ڏنو هو، هن چيو ته اڄوڪي فيصلي سان قانون جي بالاستي ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.