آصف زرداري ن ليگ جو تختو اونڌو ڪري دبئي ويو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سياست جا مسئلا عدالتي فيصلن سان حل ناهن ٿيندا.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته فيصلو جلد اچي ويندو، دليل مڪمل ٿي ويا آهن.هن چيو ته ڪو به جمهوري ملڪ هجي ها ته هڪڙو ئي حل هو، استعيفيٰ ڏين ها، هي ماڻهو سمورا الزام عدليا تي وجهي رهيا آهن، ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن 16 سيٽون هارائي وئي.سندس چوڻ هو ته اسان کي اليڪشن طرف وڃڻو آهي، عدالتن تي سياسي بار نه وجهڻ گھرجي، نااهل ٿيندڙن مان 18 ڄڻن چونڊ وڙهي هئي.فواد چوڌري چيو ته زرداري صاحب ن ليگ جو تختو اونڌو ڪري دبئي هليو ويو، الله زرداري صاحب کي وڏي حياتي ڏئي اقتدار نه ڏئي، جيترو جلدي عام چونڊون ٿينديون، ايترو جلدي استحڪام ايندو.03

فل ڪورٽ يا لارجر بئنچ جي درخواست اسان جو قانوني حق آهي: شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ پاڪستانپيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي رولنگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روح جي مطابق آهي ۽ پارٽي جو قائد ئي  پارلياماني پارٽي جي منظوري ڏيندو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي فل يا لارجر  بينچ تشڪيل ڏيڻ جي درخواست ڪرڻ اسان جو قانوني حق آهي. وفاقي وزير چيو ته قاسم سوري جي غير آئيني ۽ غير قانوني رولنگ تي به 5 ججن فيصلو ڏنو ھوـ عمران خان جي سياست گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ ۽ دٻاءُ وجھڻ تي مشتمل آهي جڏهن ته ھن جي چار معاشي ماهرن ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ھو.عمران خان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار  ڪري ڇڏيو ھوجڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي عالمي اڪيلائپ مان ٻاھرڪڍيو. شازيه مري پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪ عملي طور تي ڊفالٽ ٿي چڪو ھو ۽ سندس نااهلي جي ڪري ملڪ کي سريلنڪا جهڙو خطرو لاحق ٿي سگهيو ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ نه صرف پوري قوم کي اوندهه ۾ رکي ڪري عالمي ادارن سان ڳجھا معاھدا ڪيا پر مالياتي ادارن کي به ڌوڪو ڏنوـ ھن جو چوڻ ھوته وقت ٻڌائيندو ته عمران خان جو اصل ايجنڊا رڳو ملڪ جي تباهي ڪرڻ ئي ھو. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته 1100 ارب جي اين آر او جي ڳالهه هڪ نئين طوطي جي ڪهاڻي آهي ۽عمران خان رڳو ايل اين جي جي خريداري تي قومي خزاني مان 650 ارب رپيا  چوري ڪيا جڏهن ته عمران خان جي مالي سهولتڪارن به ھٿرادو ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري لٽ مارڪئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.