ڪنب ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي، پاڻي تلائن جي شڪل وٺي ڇڏي

ڪنب (ن ع آ) مون سون جي برسات ڪنب شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تباھي مچائي ڇڏي آهي برسات جو پاڻي علائقي واسين جي گھرن ۾ بيھڻ ڪري تلائن جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي شھر جي آبادي گهڻي ھجڻ ڪري ۽ ڊرينيج جي نالين ۽ کوھن جي کاٽي صحيح  نموني نه ٿيڻ ڪري کوھن مان نيڪال صحيح  نموني نه ٿيڻ ڪري برسات جو پاڻي رستن ـ گھرن ۾ بيھجي وڃڻ ڪري ڪيترن ماڻهن جون ڀتون ڪري پيون ۽ غريبن جا ڪچا گھر پڻ ڊھي پيا اميرن ۽ سرندي وارن جي گھرن مان ٽائون انتظاميه وارا مشينن ذريعي پاڻي ڪڍي پنهنجي ساک بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهن باقي غريبن جي ڪا به مدد نٿي ڪئي وڃي غريبن جي گھرن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري گھر ڌڻي مايوسي جو شڪار ٿي ويا ھن ڏکي گھڙي ۾ سرندي وارن جونڊيل ڪائونسلرن کي گھرجي ته غريبن سان ھمدردي ڪرڻ ۾  ساٿ ڏين ھي گھڙي سڀني لاء ڏکي آھي پر غريبن لاء تمام گهڻي ڏکائي آهي شھر واسين صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته اسان جي گھرن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي مٽي جون ٽراليون لھرائي  ڏنيون وڃن ته جئين وڌيڪ تڪليفن کان بچي سگھجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.