پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪري سگهي ٿي:شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته فوج ۽ عدليه پنهنجي حدن ۾ رهن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ کي سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جو حق آهي، توهان پاڻ اهي دروازا کولي ڇڏيا آهن، اختيارن کي محدود ڪرڻ لاءِ قانون بڻجي سگهجي ٿو، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو امتحان آهي ته پنهنجي ساک بحال ڪري ٿي يا نه، جيڪڏهن ووٽ درست آهن ته اهي 25 ووٽ به درست آهن جيڪي حمزا کي وڌا ويا، چونڊون تڏهن ئي ٿينديون جڏهن بي اعتمادي رٿ اچي يا پوءِ اسيمبلي ٽٽي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.