سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي: اسدالله ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) ملي يڪجهتي ڪونسل سنڌ جي صدراڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، صوبي کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٻيڙيون پيون هلن جڏهن ته باقي شهرن ۾ به برساتن عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ساريالو فصل ئي ڪونه ٿي سگهيو، کجي، مرچ ۽ وونئڻ کي به سخت نقصان پهتو آهي انڪري حڪومت سان گڏ فلاحي ادارن کي به اڳتي اچي سنڌ واسين جي پرگهور لهڻ گهرجي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سانوڻي جي برساتن ڪراچي سميت سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهي سنڌ سرڪار جي ترقياتي ڪمن وارن مڙني دعون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي، ڪو اهڙو شهر ناهي بچيو جتي ڊرنيج سستم تباهه نه هجي هر شهر گندگي ۽ غلاظت جو ڍير بڻيل آهي. هن برساتن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.