دعا زهرا اغوا ڪيس ۾ ظهير جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ اوڀر ۾ دعا زهرا جي مبينا اغوا ڪيس ۾ نامزد جوابدار دعا زهرا جي مبينا مڙس ظهير ۽ سندس ڀاءُ شبير جي عبوري ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل سيشن جج شرقي جي عدالت جوابدارن ظهير ۽ شبير جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان ڪيس جا ڪاغذات طلب ڪري ورتا.جوابدار ظهير ۽ شبير گذريل هفتي عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عبوري ضمانت حاصل ڪئي. دعا زهرا جي والد پاران ظهير خلاف دعا زهرا کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.