قمبر جي جابلو پٽي ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل، ماڻهن وڻن تي چڙهي پناهه وٺي ڇڏي

قمبر (ڊ ر) قمبر جي جابلو پٽي ۾ مسلسل برساتن سبب نئين تني، نئين مزاراڻي، نئين ڍوري سميت مختلف نئيون وهي آيون، جنهن بعد اچ وڃ جا لنگهه بند ٿي ويا آهن.غيبي ديري، زيرو پوائنٽ، گڙتل، ڪاروهر ۽ دينار سميت مختلف علائقن ۾ ڪچا توڙي پڪا رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. 3 کان 4 فٽ جو تيز وهڪرو هئڻ ڪري ڪاڇي ۽ جابلو علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو وارهه ۽ ٻين شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.ٻئي طرف قمبر ضلعي جي ڪاڇي توڙي جابلو علائقي ۾ پاڻي جي گهيراءَ سبب ماڻهن وڻن تي  چڙهي پناهه وٺي ڇڏي.ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ انتظاميا طرفان ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.