ٽنڊو محمد خان ۾برسات گوڏي جيڏو پاڻي بيهاري ڇڏيو، نيڪالي لاءِ مظاهرا، ڌرڻا

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر) ٽنڊو محمد خان شهر جي وڏي آبادي واري علائقي ٽالپر ڪالوني ۾ پوندڙ برساتن جو بيٺل پاڻي مقامي انتظاميه پاران نيڪال نه ٿيڻ واري عمل خلاف ڪالوني جي سوين رهواسين شڪيل ، شاهزيب ، مهتاب ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برسات جي بيٺل پاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ، ان موقعي هنن چيو ته ٽنڊو محمد خان شهر جا سمورا علائقا برسات پوڻ سبب پاڻي هيٺ آهن جنهن کي گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهجي وڃڻ ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، مسجدن ۾ نمازين کي نماز پڙهڻ لاءِ به سخت ڏکائي پيش اچي رهي آهي ، ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار گهيري ننڊ ۾ ستل آهن ، گندو پاڻي بيهڻ ڪري شهري پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ، هنن چيو ته ٽنڊو محمد خان شهر ۾ تازين پوندڙ برساتن سبب 2 نوجوان پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن هزارين ڪچا ۽ پڪا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ، سوين متاثرين بي يارو مددگار آهن چونڊيل نمائندن يا ضلعي انتظاميه سندن ڪا به پرگهور نه لڌي آهي هوڏانهن ٻي پاسي شهر جي لاکاٽ اسٽاپ تي واپارين گذريل 3 ڏينهن کان برسات جو گندو پاڻي بيهڻ تي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، علائقي جي واپارين اقبال حاجاڻو ، انيس صبحپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سجاول روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ، انهي موقعي تي واپارين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 3 ڏينهن کان برسات جو پاڻي بيهڻ ڪري سخت پريشان آهيون ، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ، ميونسپل انتظاميه پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا آهن ، ٻي پاسي احتجاجي ڌرڻي واري هنڌ ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر فهيم منگي پهچي واپارين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي بيٺل برساتي پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي.

  • چوهڙ جمالي ٻڏي ويو، نيوي جي مدد سان شهري ريسڪيو

چوھڙجمالي (ن ع آ) چوهڙ جمالي شھر جي مختلف وارڊن ۾ پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ بعد ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي شھر جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري پاڻي ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو. نيوي اهلڪارن جي مدد سان ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ سرڪاري اسڪول ۾ رليف ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.هوڏانهن شاھبندر تعلقي ۾ گونگاڻي.دولتپور.لاڏيون ۽  ڇڇ جھان خان. سميت ساحلي پٽي جي ڪيترن ئي علائقن م تيز طوفاني برسات سبب پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو آهي. جڏهن ته ساريون، ووئئڻ. ڪيلو ۽ سورج مکي سميت ڪيترائي فصل ٻڏي تباھ ٿي ويا.

  • سڪرنڊ ڀرسان  سنڌو ءَکي چاڙهه، ڪچو ٻڏي ويو، بندن کي روڻيون 

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياء جي مڏ بچاء بند ، منگلي بچاء بند ۽ ميڪارو بند تي پاڻيء جو چاڙھ ، پاڻيء جي چاڙھ  سبب ڪچو ٻڏڻ لڳو. پاڻي بندن کي پائڻ لڳو. برسات سبب بچاء بند کي ڪجھ جڳھن تان روڻيون پڻ پئجي ويون،  جڏھن ته ايريگيشن عملي پاران ڪابه بند تي ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي آھي ، جڏھن ته سنڌو درياء جي اندر رھندڙ ڳوٺاڻن کي ڪوبه نوٽيس نه ڏنو ويو آھي جڏھن ته سنڌو ۾ پاڻي اچڻ ڪري  ڳوٺاڻن ۽ ڪچي واسين جي منھن تي مرڪون موٽي آيون ، جڏھن ته سنڌو درياء ۾ پاڻيء جي چاڙھ سبب ڳوٺاڻا ۽ سڪرنڊ جا شھري سنڌو درياء جي ڪناري تي تفريح لاء اچڻ لڳا.  ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور ، مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري ، سينئير صحافي عزيزلاکو، ميڊيا سينٽر سڪرنڊ جي صدر قربان عمراڻي، ايريگيشن انجنئير جاويد سومرو  سان گڏ سنڌو درياء جي مڏ منگلي ، مڏ بنگلو ، لاکاٽ ، ميڪارو بند ،آمري برج سميت مختلف جڳھين جو دورو ڪري ايريگيشن عملي کان معلومات ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآبا عامر حسين پنھور ميڊيا سان ڳالھائنيدي چيو ته بندن جي پوزيشن مضبوط آھي بندن ۾ غيرقانوني نوليون لڳل آھن انھن کي ھٽائي انھن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جڏھن ته 2010 ۾ به ڏھ کان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي ھتان گذريو ھو پوء به ھي بند مضبوط ھو ۽ ھينئر به خطري جي ڳالھ ناھي پر اسان پنھنجون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن  ۽ بندن جي چوڪسيء لاء ايريگيشن عملي کي ھدايتون ڏنيون ويون آھن ۽ سنڌو درياء ۾ اڃان به پاڻي آيو ته ٻيٽ ۾ رھندڙ ڳوٺاڻن کي درياء کان ٻاھر ڪڍڻ جا انتظام ڪيا ويندا۔

  • ڪاڇي ۾ برسات،  عام وهنوار مفلوج. ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

ڊرگھه بالا (ن ع آ) گزريل چئن ڏينھن کان ڪاڇي ۽ کيرٿر جبلن مٿان وقفي وقفي سان مسلسل برساتن سبب ڊرگھ بالا نئين گاج جو پاڻي  وقتن وقتن تي ايندو رھيو اڄ صبح نئين گاج 23فوٽ وھي آئي جيڪا ڪاڇي ۾ ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري وئي ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ شڪلاڻي لنڊ جعفر خان لنڊ پوٺو لنڊ محمد حسن گرماڻي ننگر داريو جمع ٻٻر ڪيٽي سجاول مستوئي ۽ٻيا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويو ڳوٺ پوٺو لنڊ ۾ گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو گھر ڪري پيا ڪافي گھرن جون ڀتيون ڪري پيون علائقي واسي بي يارو مددگار ويٺل آھن ٻئي پاسي چئن ڏينھن کان مسلسل برساتن نئين گاج وھي اچڻ ڪري ڪاڇي جي يوسي ڊرگھ بالا جي پنجاھ کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ يوسي پٽ گل محمد جي ڪيترن ڳوٺن جيئن ڊرگھ بالا ھيئرو خان حاجي خان شھرن جا باقي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن جو دادو جوھي کان زميني رابطو ڪٽيل آھي جنھن سبب اسپتالون بند کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ ٿي وئي ٻئي طرف گزريل ڏينھن ڳوٺ گزياڻي لنڊ ۾ ٽن مھينن جي ٻارڙي تيز بخار سبب پنڌ جوھي علاج لائي کڻي ويا جيڪا فوت ٿي وئي برسات نئين گاج وھي اچڻ ڪري رستو نھجڻ ڪري فوت ٿيل ٻارڙي کي حاجي خان لڳ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو ٻئي طرف سنڌ حڪومت ايمر جنسي بنيادن ڪي ب قدم ن کنيا ڪاڇي واسي بي يارو مددگار بڻيل ڊي سي او دادو اڄ ايف پي بند بيھي چيو ت اسان ميڊيڪل ڪئمپون ايف پي بند تي لڳايون آھن صرف فوٽو سرشن پئسا کائڻ لائي ڪاڇي واسين چيو ت ٻوڏون برساتون ڪاڇي ۾ ڪئمپون جوھي ايف پي بند ت پوئي جوھي پھچون ت اسپتالن مان علاج ڪرايون اسان نڪري نٿا سگھون بيمار ماڻھو ڪيڏانھن کڻي وڃون اسان جا فصل ٻڏي لڙھي ويا آھن ڪيترن علائقن ۾ ماڻھو بي يارو مددگار ويٺل آھن پر اعلا آفيسر چونڊيل نمائندن کي ڪاڇو صرف ووٽن مھل ياد آھي باقي لا تعلق جيڪي ڪاڇي ۾ ترقياتي جون دعوائون آھن سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آھن سنڌ حڪومت کي ڪاڇي واسين جي سار لھڻ گھرجي ھنگامي بنيادن تي ميڊيڪل ٽيمون کاڌ خوراڪ جو شيون پھچايون وڃن .

  • خيرپور ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي،  کجين جي فصل کي نقصان

خيرپور( ڊ ر )پوري ملڪ جيان خيرپور ۾ به مونسون جي طوفاني بارشن تباهي مچائي ڇڏي آهي 10 ڏينهن به تيز هوا سان گڏ برسات  جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضلعي ۾ 18 لک کان وڌيڪ کجين جي وڻن جو بيٺل فصل ڏوڪا ۽ ڏنگ مڪمل ڇڻي تباھ ٿي ويا آهن ۽ کجي جون مختلف 23 جنسون جن ۾ اسيل،ڪربلائڻ،اوطاڪڻ،مسجد واري،پير واري،ڪپڙو،بيگن،ڊڪي،رڪڻ ۽ ٻيون جنسون پڻ ڇڻي خراب ٿي مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آهن جنهن ڪري کجين جي آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان رسيو آهي جڏهن ته انبن،ڪيلن جو فصل به سخت متاثر ٿيو آهي هوڏانهن خيرپور ضلعي اندر هزارين ايڪڙ تي پوکيل ووئڻن جو فصل جوئر،مڪئي.ٻاجھري ۽ ٻيا فصل پڻ مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن جنهن سبب هارين کي به وڏو نقصان رسيو آهي.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خاص طور خيرپور ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ زرعي کاتي خيرپور کي ڏنو آهي جن کجين جي واپارين،بيکرن،ٺيڪيدارن کي نقصان رسيو آهي ان جي نقصان جو ڪاٺو لڳائي مڪمل طور تي رپورٽ ڏني وڃي ته جئين کجين جي آبادگارن جي مدد ڪري سگھجي پر هن وقت تائين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو اهڙو ڪوبه قدم ناهي کنيو پر خيرپور جي زرعي کاتي نالي ماتر تفصيلي فارم جاري ڪيو آهي ۽ کجين جي آبادگارن کي چيو آهي ته هو پنهنجي ٿيل نقصان جو تفصيل ايگريڪلچر کاتي خيرپور کي ڏين جڏهن ته انهن جو ڪوبه نمائندو کجين جي آبادگار وٽ نه پهتو آهي ۽ نه ئي انهن کان ڪئي تفصيل ورتا آهن ڊپٽي ڪمشنر جي اهڙي قدم کان پوءِ خيرپور جي کجين جي آبادگار،بيکرن ۽ ٺيڪيدارن ۾ سخت مايوسي پکڙيل آهي هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان نوٽيس وٺي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

  • سيٺارجا ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي، 30کان وڌيڪ گهر پٽ

سيٺارجا(ن ع آ) سيٺارجا ۽ آس پاس جي علائقن ۾ برسات سبب ٿيل گهرن جو نقصان ۽ علائقي اندر بيٺل پاڻي جو اسسٽنٽ ڪمشنر  ٺري ميرواه ۽ مختيارڪار ميرواه جي هدايت تي سيٺارجا جي ديهه خدابخش جي تپيدار علي مراد شر علائقي اندر برسات سبب مختلف ڳوٺن ماڪن ڪٻر,ڊينگل ويسر, ڇتن شاه, خان محمد نول, محمد صادق ڪٻر, حامد ڪٻر, محلا حسين آباد ,قائم الدين ڪٻر, قادر بخش سهتو جي ڳوٺاڻن محمد علي ويسر, غلام مصطفا , جڳت مل, شنڪر مل, مسمات نواب زادي, خادم انصاري, سرور, ايوب انصاري, ياسين ,عبدالفتاح ڪٻرجي گهرن جو ٿيل نقصان ۽ بيٺل پاڻي جي وزٽ ڪئي ۽ ٿيل نقصان بابت رپوٽ ٺاهي پيش ڪئي ان سلسلي ۾ حد جي تپيدار علي مراد شر ٻڌايو ته اي سي ميرواه ۽ مختيارڪار جي هدايتن تي برسات سبب گهرن جون ڪريل ديوارون ۽ بيٺل پاڻي جي لاء علائقي جي رپورٽ ٺاهي آهي ۽ ٿيل نقصان بابت جلد انهن تائين رپورٽ پيش ڪنداسين هن چيو ته برسات ڪيترن ئي پورهيتن جي گهرن ۽ ديوارن کي نقصان پهچايو آهي.

  •  جوهي ۾ برسات ڊرينيج جو پاڻي  بيٺل، رهواسين کي ڏکيائيون

جوهي (ن ع آ)مون سون جي پوندڙ وقفي وقفي سان برسات جوهي شھر پي ٻوڙي ڇڏيو شھر اندر گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ميونسپل  ڪاميٽي جوهي جي آفيس جي ڪمرن اندر برساتي ۽ گٽرن جو پاڻي داخل شھر جي صفائي ۾ ڪم ايندڙ قيمتي مشينري ٽريڪٽر/ ڊوزر / لوڊر رڪشه/ ڪيڻ ۽ ٻيو سامان شھر جي صفائي تي استعمال ڪرڻ بجاء آفيس ۾ گٽرن ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آھي . جيڪو هر مهيني ان مشينري کي رننگ پوزيشن ڄاڻائي لکين رپين جا ڪوڙا وائوچر ٺاهي هڙپ ڪري رهيا آھن جڏنهن ته ميونسپل ڪاميٽي جوهي ۾ ايمر جنسي وقت ۾ به آفيس جي تالا بندي هئڻ ڪري خلق خدا پريشان آھي ٻئي طرف جوهي شھر جي سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن سڪندر علي سومرو, مولانه غلام مصطفي لاشاري , منير احمد رند, ۽ ٻين دانهيون آھي ته ميونسپل ڪاميٽي جوهي جو ايڊ منسٽريٽر نظام شاھاڻي / سي ايم او جوهي ڪشمير جمالي ۽ ٻئي ڪرپٽ عملي جون سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آھن جيڪي پنهنجي آفيس نٿا بچائي سگهن ته اهي شھر کي ڪئين ٿا صاف ڪري سگهن هنن وڌيڪ الزام هنيو آھي ته نااهل ايڊ منسٽريٽر ۽ سي ايم او جوهي جي کلي ڪرپشن سبب شھر مان صفائي ناهي ٿي سگهي شھر کي صفا ڪندڙ مشينري گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏي رهي آھي لکين رپين جي قيمتي مشينري کي هٿ وٺي ميونسپل ڪاميٽي جا زميوار ناڪاره ڪري رهيا آھن هنن چيو ته شھر مان اڪثر گند ڪچرو صفا نه ڪرڻ سبب دڪاندار واپاري پنهنجي دڪانن اڳيان گند رکڻ کان منع ڪرڻ تي صفائي عملي طرفان اهو شھر جو گند آفيس ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب گند جي بدبوء ڦھلجڻ ڪري سڄي شھرين جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آھي آخر ۾ ھنن اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ايمر جنسي بنيادن تي  گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏندڙ مشينري کي درست ڪرائي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي.

  •  گمبٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهري سراپااحتجاج

گمبٽ(ن  ع آ ) گمبٽ مان برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو, شهر۾ برسات جو پاڻي گوڏي جيڏو بيهجي ويو, شهرين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي. شهرين جي گهرن ۽ دڪانن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي محمد اقبال اڄڻ, عبدالستار سروهي, محمد اسلم اڄڻ, توڪل علي اڄڻ, اشفاق علي رتڙ, ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گمبٽ شهر برسات جي پاڻي سان ڀريل آهي . برسات جو پاڻي شهرين جي گهرن دڪانن اندر تلائن وانگر بيهجي ويو آهي. برسات جو پاڻي شهر جي مخ رستن راڻيپور روڊ, ڀٽائي چوڪ, مسڻ پاڙو, ڪسان ڪالوني, غريب آباد,سبزي مارڪيٽ سميت مختلف هنڌن تي تلائن وانگر بيهجي ويو آهي. انتظاميا شهرين جي گهرن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء اپاء ناهن ورتا جنهن ڪري گهر ڪرڻ جو خدشو آهي برسات جي پاڻي سبب شهري روڊن تي نڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن شهر کان ڳوٺ طرف لڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. شهرين ڪمشنر سکر ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي شهر ۾ صاف سٿرو ماحول مهيا ڪيو وڃي.

  • عمرڪوٽ ضلعي ۾پنجين ڏينهن به برسات:زراعت تباهه

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ، شادي پلي، صوفي  فقير، بچاءُ بند، غلام نبي شاھ، پٿورو، ڍورو نارو، ڪنري ۽ سامارو سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پنجين ڏينهن به وقفي وقفي سان تيز برسات جو سلسلو  جاري رهرو. صبع کان شام تائين ھلندڙ تيز برسات سبب عمرڪوٽ شھر جي مختلف مارڪيٽن ۾پاڻي بيھي ويو.هوڏانهن برسات سبب ڦٽي ۽ مرچن جي فصلن ۾ پاڻي بيھڻ سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پئجي ويو آهي.

  • اوٻاوڙو ۾ برسات روڊ ٻڏي ويا، قومي شاهراهه ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو

اوٻاوڙو   ( ن ع آ )  اوٻاوڙو سميت سڄي سنڌ ۾ مون سون جو ٽيون اسپيل جاري آهي، شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تيز برسات پئي، جنهن سبب رونتي روڊ، ريتي روڊ، لانگهو روڊ مين بازار توڙي ٻهراڙين وارن علائقن جي رستن تي پاڻي بهجي ويو قومي شاهراهه توڙي ٻين روڊن رستن تي به برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر اوٻاوڙو  محمد آصف جوڻيجو، مختيار ڪار اوٻاوڙو جميل احمد کوسو ۽ ميونسپل عملي سان گڏ برسات کانپوءِ شهر ۽ تعلقي اسپتال جو دورو ڪيو، جتي انهن سمورن سهولتن ۽ اسپتال جي عملي جي حاضري جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد آصف جوڻيجو، ٽائون آفيسر عبدالغفور سولنگي چيو ته تيز برساتن سبب شهر جا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن جي نيڪال لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، بازارن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بهيجي ويو آهي جنهن کي جلد نڪال ڪيو ويندو شهر جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ميونسپل ڪميٽي جي ذميواري آهي ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .

  • نوابشاهه ۾ برسات جا راڱا، ڀت ڪرڻ سبب نينگر فوت، ڪامورا ڦوٽو سيڪشن ۾ پورا

نوابشاھه (رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) سنڌ ۾ پوندڙ  مسلسل برسات ضلعي شھيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي آبادگارن  جو ووئنڻ جو تيار فصل مسلسل برسات سبب تباھ ٿي ويو آھي جڏھن تہ نوابشاھ لڳ سٺ ميل جي يوسي سھيلو جي ڳوٺ غلام اصغر چانڊيو ۾ غريب ڳوٺاڻي امام الدين چانڊيو جو ڏھن ورھين جو پُٽ اسد چانڊيو گھر جي ڪچي بورچيخاني ۾ بيٺو ھُيو تہ تيز برسات پوڻ سبب بورچيخاني جي ڪچي ۽ ڪمزور ديوار اوچتو ڌماڪي سان نينگر جي مٿان ڪري پئي ۽ نينگر اسد چانڊيو ديوار ھيٺان دٻجي مرڻينگ ٿي پيو وارث کيس فوري طور سٺ ميل شھر ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي کڻي ويا جتي ڊاڪٽر نينگر اسد چانڊيو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي اسد چانديو جو لاش گھر پھچڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ جي صورتحال برپا ٿي وئي جڏھن تہ فوتي اسد چانڊيو جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا واضح رھي تہ گذريل ڪيترن ڏينھن کان جاري برسات شھيد بينظير آباد جي چئن تعلقن ۽ ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي غريب ڳوٺاڻن جا ڏھن کان وڌيڪ ڪچا ۽ ڪکاوان اجھا ڊھي پٽ پئجي ويا آھن جڏھن تہ ضلعي جو مزدور ۽ طبقو مسلسل برسات پوڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويو آھي ضلعي اندر اھڙي ڳنڀير صورتحال جي باوجود ضلعي انتظاميہ پاران ڪٿي بہ ڪا رليف ڪيمپ قائم نہ ڪئي وئي آھي نہ ئي برسات متاثر ماڻھن جي ڪا بہ واھر ڪئي آھي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميونسپل ڪميٽي جا آفيسر صرف فوٽو سيشن ڪرائڻ لاءِ نوابشاھ شھر جي مصروف چوڪن چوراھن جو دورو ڪري پنھنجن پنھنجن ايئرڪنڊيشن بنگلن تائين محدود آھن.

  •  کيرٿر  جي پهاڙي علائقن ۾ مسلسل برسات، نئين گاجي 26 فوٽ وهي آئي

جوهي  (  رپورٽ ايم اسماعيل پيرزادو ) کير ٿر جي پهاڙي علائقن  ۾ مسلسل مون سون جي برساتن پوڻ ڪري نئين گاج 26 فوٽ گجگوڙ سان سومر اڱاري جي   وچ واري رات هڪ بجي ڪاڇي جي سرحدن ۾ پهچي سڄي ڪاڇي کي سيراب ڪري ڇڏيو گاج جي تيز ترين وهڪري ڪاڇي جي اٽڪل 7 يونين ڪائونسلن يوسي ٽوڙ / يوسي پٽ گل محمد / يوسي ڊرگه بالا / يوسي واهي پانڌي / يوسي ٽنڊورحيم خان / يوسي ڇني / ۽ ٻين يوسين سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندي هزارين ڪاڇيلن کي بي گهر متاثرين ڪري ڇڏيو جڏنهن ته نئين گاج جي قيامت خيز وهڪري سبب ڪاڇي جا رستا هيڊ ڪواٽر جوهي تعلقي ۾  مسلسل 4 ڏينهن کان ڪٽيل ھئڻ ڪري ڪاڇي جا هزاري خاندان کاڌي پيتي جي شين ۾ کوٽ پيدا ٿي وئي آھي.  رستا بند ٿيڻ ڪري  چئن ڏينهن کان مسلسل پاڻي ۾  گذارڻ ڪري سوين مرد عورتون ٻڍا ٻارڙا چمڙي جي بيماري , ڊائيريا ۽ ڪنگھ , زڪام ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿيندا پيا وڃن جڏنهن ته اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي ڪوب تدارڪ ڪرڻ وارو ناهي جڏنهن ته نئن گاج جي پاڻي ۾,اوچتو تيزي اچڻ ڪري جوهي لڳ ٻٽين مورين کان 2 ٻه سئو جا چار گهارا لڳڻ سبب آس پاس جي رهجي ويل ڳوٺ کي به ٻوڙي ڇڏيو جڏنهن ته نئن گاج جي پاڻي سوين ڳوٺ لوڙهيندو جوهي بئراج پل کان ايف پي بند سان لڳاتار چئن ڏينهن کان ڪمزور  ايف پي بند کان ٿيندو منڇر ڏانهن سلسلو جاري  آھي جڏنهن ته ايري گيشن کاتي جوهي بند ۽ ايس ڊي او سب ڊويزن انجنيئر ساوڻي جي موسم ۾ آبڪلاڻي ٻوڏ ۽ ايمر جني  تحت ايف پي بند ۽ ٻين بندن جي مرمتي ڪم لاء ڪٿي به سرهرمي نظر نه آئي نه ئي ايندڙ بلوچستان کان پاڻي بابت اڳواٽ بجاء لاء اپاء وٺڻ بابت ڪاب تجويز نه ڏيڻ تي جوهي شھرين جو ساھ مٺ ۾ بند شھري سون جي تعداد ۾ نئن گاج جي پاڻي ڏسڻ لاء گذريل ٻن ڏينهن کان اچ وڃ ۾ پورا جڏنهن ته نئن گاج جي پاڻي ۾ 24 ڪلاڪن کان لاٿ نه اچڻ ڪري ڪاڇي جوهي جي  عوام ۾بيچيني پئدا ڪري ڇڏي ڪافي ماڻھون عوام کي اجايو پريشان ڪندي هٿرادو افواھ پئدا ڪندي چئي رهيا هيا ته بلوچستان جي سمورن ننڍن وڏن ڊيمن جو پاڻي سنڌ جي کير ٿر پهاڙي جبلن جي رستي گاج مان گذاريو ويندو جنهن تي عوام کي ذھني  ڳڻتي ورائي ڏنو ٻئي طرف ڪاڇي ڪنڌي جي سڄاڻ ڌرين ۽ جوهي جي سياسي سماجي مذھبي اديبن وڪيلن  آبادگارن شاعرن خليل عارف سومرو, ايس يو پي جي صدر ڪامريڊ غلام قادر لغاري , جسقم اڳواڻ خادم باهوٽو , پ پ شھيد ڀٽو جي ايم هاشم کوسو , قربان کوکر, ايڊوو ڪيٽ  محمد يعقوب رستماڻي ,ميانداد برهماڻي , عبدالطيف جمالي ۽ ٻين  اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ڪاڇي ۾ نئن گاج جي پاڻي ۾ آيل ٻوڏ دوران متاثرين ٿيل خاندانن جي فوري واهر ڪري سڄي ڪاڇي اندر عارضي رهائشي گهر کاڌ خوراڪ صحت پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سموريون بنيادي سهولهتون فراهم ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مڪمل بندو بست ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي ,

  • ڳڙھي ياسين ۾برساتن سبب ڳوٺ ٻوفو ککراڻي جو رستو ٻڏي ويو

گڙھي ياسين(ن ع آ)ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ برساتن سبب ڳوٺ ٻوفو ککراڻي جو ڪچو رستو ٻڏي وڃڻ ڪري رهواسين جو شھر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، جنهن ڪري ڳوٺاڻا  سخت پريشانيءَ ۾مبتلا ٿي ويا آھن.متاثر ڳوٺاڻن الطاف حسين، محمد ابراهيم،گلاب خان، درمحمد، اياز، غلام عباس، عمران ککراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته قديمي ڳوٺ اڃا تائين  پڪي رستي کان محروم آهي،  مريضن کي اسپتال کڻي وڃڻ، ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ توڙي روزمره جي کاڌ خوراڪ جون شيون وٺڻ  لاءِ شھر وڃڻ دوران سخت پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، رستو پڪو نه ھئڻ ڪري اسين تمام گهڻي تڪليف ۾ آھيون.هنن چيو ته ،اسان جي تڪ جا چونڊيل نمائندا صرف اليڪشن جي وقت ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن، اليڪشن کان پوءِ نظر ئي نه ايندا آهن، جيڪڏهن سندن رھائش گاھ تي وڃي عرض ڪندا آھيون ته موٽ ۾ خالي دلاسن کان سواءِ ڪجهھ حاصل نه ٿيندو آهي.ڳوٺاڻن چتاءُ ڏنو ته ڳوٺ جو رستو پڪو نه ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو- شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين

  • ملير ندي گهمڻ لاءِ آيل 3 ڄڻا وهڪرن ۾ ڦاسي پيا

ملير (ڊ.ر) گذريل رات درساڻو ڇنو ويجهو ملير ندي ۾ ٻڏي ويل ٽن نوجوانن چنيسر مري , حيات مري ۽ صاحب مري کي ريسڪيو ٽيمن ڇهن ڪلاڪن بعد با حفاظت ڪڍي ورتو، ملير ندي ۾ ڦاٿل نوجوان کي ريسڪيو ڪرڻ واري عمل جي نگراني ڪندڙ ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ مرتضيٰ يار محمد بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمر خاصخيلي ڳوٺ جا ٽي نوجوان شام جي وقت ملير ندي اندر سير تفريح لاءِ ويا هئا، جتي اوچتو پاڻي جو تيز وهڪرو اچڻ سبب ملير ندي پاڻي سان ڀرجي وئي نوجوانن ندي اندر هڪ دڙي تي ويهي جان بچائي نوجوانن پاران فون ذريعي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد نيوي ٽيمون گهرائي ڇهن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد هلندڙ برسات ۾ نوجوانن کي با حفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو، ان موقعي تي نوجوانن چيو ته اسان ندي گهمڻ ويا هئاسين جتي اوچتو ندي پاڻي سان ڀرجي وئي، جنهن سبب اسان پريشان ٿي ڦاسي پياسين، اسين ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ مرتضيٰ يار محمد بلوچ جا شڪر گذار آهيون جن اسان جي زندگي بچائي آهي.

  • ڏوڪري ۾  برسات بعد پاڻي بيٺل، نالن جي کوٽائي شروع

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ٽائون انتظاميا پاران شهر ۾  صفائي سٿرائي ڪرائڻ جو عمل شروع، ايڊمنسٽريٽ عملي سميت مختلف هنڌن تي برساتي پاڻي جي نيڪالي ڪرڻ لاءِ نالن جي کوٽائي، ملازم شهر ۾ صفائي سٿرائي روزانو جي بيناد تي ڪري رهيا آهن، مسلسل برسات پوڻ سبب پاڻي بيهجي ويو هو جنهن کي نيڪال ڪري رهيا آهيون: ٽائون ايڊمنسٽريٽ محمد امين مستوئي تفصيل موجب ڏوڪري ٽائون ايڊمنسٽريٽ محمد امين مستوئي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ملازم ساڻن ڪري نالن جي کوٽائي ڪرائي صفائي سٿرائي ڪرائي. ان موقعي تي ٽائون ايڊمنسٽريٽ محمد امين مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملازم شهر ۾ صفائي سٿرائي روزانو جي بيناد تي ڪري رهيا آهن،  مسلسل برسات پوڻ سبب ڪجھه هنڌ تي پاڻي بيهجي ويو هو جنهن کي نيڪال ڪرائي ڇڏيو آهي، ان موقعي تي فياض سومرو، ماجد ڀٽو، ڀاڳيو جوڻيجو، سجاد جويو ۽ ٻيا گڏ هئا

  • غوثپور ۾ 4 ڏينهن کان برساتي پاڻي بيٺل، شهر تلاءَ ۾ تبديل

غوثپور (ن ع آ)غوثپور ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب شهر مان برسات جو پاڻي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيو، ٽائون آفيسر سليم ڊومڪي گذريل هڪ هفتي کان غائب آهي، ٽائون ڪاميٽي جا 50 کان وڌيڪ ملازم شهر ۾ صفائي ڪرڻ بجاءِ گهرن ۾ ويٺل آهن، پاڻي نيڪال  نه ٿيڻ ڪري غوثپور شهر تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. سماجي اڳواڻ شفق الرحمان اوڳاهي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو برسات کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود  برسات جو پاڻي هن وقت به اسان جي گهرن سميت ڳوٺن جي مختلف علائقن جي گهٽين م تلائن جي شڪل اختيار ڪري بيٺو آھي برسات سبب شهر جي مختلف علائقن  ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوبه تيار نه آهي.هن چيو ته برسات سبب مڇرن جو به آزار وڌي ويو آھي.

  • شاهبندر ۾ برساتن سبب يوسي جونگو جلباڻي سخت متاثر،ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ

چوهڙ جمالي (ن ع آ) شاهبندر تعلقي ۾ برساتن سبب يوسي جونگو جلباڻي سخت متاثر ٿي وئي.پٽيل حسن گهنو، صديق گهنو، حسين مڙهائي، علي محمد جت، موسيٰ جت، محمد گهنو، پير هاشم شاھ، لاڻون گهنو،  جانو دل ۽ رشيد ملا عباسي سميت ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي جي گهيري ۾ اچڻ سبب ڳوٺاڻن جا سمورا گس بند ٿي ويا آھن جڏھن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پڻ ٻڏي ويو آھي، جن جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن ڪا به سار نه لڌي آھي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن خان محمد جت، پٽيل حسن گهنو، حسين مڙھائي، حسين گهنو، لياقت علي جت، رمضان پنجابي، رمضان گهنو، موسيٰ جت ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بااثرن طرفان مڇي جا تلاءَ ٺاهي برساتي پاڻي جي نيڪال جا قدرتي  لنگهه بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري هر ڀيري اسان کي برسات سبب تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.هنن چيو ته  اسان جا ڳوٺ برسات جي پاڻي جي گهيري ۾ آھن، برسات سبب هزارين ايڪڙن تي مشتمل ساريال جو فصل ٻڏي ويو آھي، اڳ به تڪ جي چونڊيل نمائندن سم نالو ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن برسات تائين اسان کي سم نالو نه ملي سگهيو، جنهن ڪري اسين تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھيون.هنن چيو ته چوڌاري برسات جو پاڻي هجڻ سبب نانگ بلائون به ٻاهر نڪري آيا آھن، هاڻي ته اسان کي ٻچا وات ۾ اچي ويا آھن، فاقه ڪشي تي مجبور آھيون پر چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميا به اسان جي ڪا به پرگهور نه لڌي آھي، عوامي نمائندا به شھر جي ٽائون ڪميٽين تائين محدود آھن. هنن مطالبو ڪيو ته برسات متاثر ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي سم نالي جي اسڪيم جي ڏئي هن آزار مان اسان جي هميشه لاءِ جان آجي ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

  • راضي ديرو ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارا هئڻ ڪري پاڻي بيهي ويو

راضيديرو (ن ع آ) راضي ديرو ۽ ان جي آس پاس وارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسلسل چوماسي جي برسات پوڻ سبب گٽرن نالين جو گندو پاڻي گهرن ۽ مين روڊن تي تلاء جي صورت ۾ بيٺل ٽائون اڳڙا ۾ هر مهيني لکين روپين جي بچيٽ ھوندي به ٽائون  اڳڙا جي انتظاميا جي نااهلي سبب شهرين ۽ مسافرن کي گندي پاڻي مان گذرڻ دوران سخت تڪليف سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون .

  • ڪرونڊي لڳ پورهيت جي گهر جو ڪوٽ ڪري پيو ، واهر جي گهر

ڪرونڊي! (ن ع آ) ڪرونڊي لڳ برسات سبب ڳوٺ يعقوب فقير چانگ ۾ علي اڪبر چانگ جي گھر جا سمورا ڪوٽ ڪري پٽ ٿي ويا.  گھر ڌڻي جو چوڻ آھي ته برسات سبب تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي اڃا الائي ڪيترا ڏينھن برسات وسندي رھندي اسان غريب ماڻھون گھر ڪوٽ جي پردي کان به آجو ٿي ويو آھي مان غريب رات جو دڪانن تي چوڪيون ڏئي بچا پالي رھيو آھيان علائقي جا چونڊيل نمائندا ڪا به سهڪار ڪرڻ لا۽ تيار ناھن منھنجو آواز اعليٰ آفيسرن تائين پھچايو جيئن منهنجي مدد ڪئي وڃي.

  • سکر  ٿاڻي جي زبون عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، رڪارڊ تباهه

سکر(رپورٽر) سکر جي علائقي شاهي بازار سکر ۾ قائم ٿاڻي بي سيڪشن سکر جي مٿين ڪمري جي زبون حال ڇت اوچتو ڪري پئي  آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪمري ۾ موجود سرڪاري رڪارڊ سميت ٻيو سرڪاري سامان به تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڇت ڪرڻ سبب ٿاڻي جي عملي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ عملو معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو، جڏهن ته ڇت ڪرڻ ۽ مرمتي ڪم سبب ٿاڻي تي قانوني ڪاروائي عارضي طور تي معطل رهي، هوڏانهن مرمت جو ڪم پڻ شروع ڪرايو ويو آهي.

  • سلطانپور ۽ ڀرپاسي ۾ برسات، کجين جا باع ۽ فصل تباهه

سلطانپور ( ن ع آ  )سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل ھلندڙ برسات رحمت مان زحمت بڻجي وئي، کجين جي باغن کان پوءِ   لکين روپين جي خرچ سان تيار بيٺل وونئڻن جو فصل به سخت متاثر، آبادگارن جا مٿي تي ھٿ گھرن گھٽين ۾ برسات جو پاڻي تلاءَ  جو ڏيک ڏيڻ لڳو، رات ۽ ڏينهن وقفي وقفي سان ھلندڙ برسات سبب علائقي واسي گھرن تائين محدود بڻيل آھن ۽ بجلي جو نظام پڻ درھم برھم بڻجي ويو آھي جڏھن ته ننڍن وڏن اسٽاپن تي ڪاروبار به متاثر ٿيو آھي ٻئي پاسي ڳوٺاڻا  مسجدن ۾ برسات بند ٿيڻ لاءِ  خصوصي طور دعائون گھري رھيا آھن .

  • ڪنڌرا ۾ برسات بعد  صفائي نه ٿي، شهري پاڻ سرگرم ٿي ويا

ڪنڌرا  ( ن ع آ ) ڪنڌرا  ٽائون ڪميٽي جي مندر گهٽي گند ڪچرو بڻجي وئي  نالن جي صفائي ڪيتري عرصي کان نه ٿيڻ ڪري محلي جا رهواسي سخت پريشان محلي وارن پنهنجي مدد پاڻ نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو محلي وارن جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي عملو مندر گهٽي ۾ صفائي ڪرڻ ايندو ئي ناهي تنهن ڪري اسان جو محلو گندگي جي ور چڙهيل آهي ڪنڌرا ٽائون ڪميٽي جي ماهوار 46 لک بجيٽ هجڻ باوجود شهر ۾ صفائي سٿرائي سٺي نموني سان نٿي ڪرائي وڃي برسات پوڻ ڪري سڄو شهر گندگي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي ايڊمنسٽرٽر سيد شرف شاهه هڪ مهيني کان وٺي آفيس مان غير حاضر رهيو آهي  ڳوٺ گلاب محلو ٽنڊو علي آباد سچل پور ۽ ٻين محلن جي به حالت انتهائي خراب ٻڌائي ٿي وڃي هتان جي سياسي ۽ سماجي ڌرين چونڊيل نمائيندن کان گهر ڪئي آهي ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.