اسلام آباد (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو جي پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي چيئرمين طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين جي مقرريءَ جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان باضابطه طور تي اڱاري ڏينهن عابد حسين ڀيو جي بطور نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ مطابق چيئرمين نجڪاري ڪميشن جي مقرري پرائيوٽائيزيشن آرڊيننس تحت ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اڳوڻي چيئرمين سليم احمد جي استعيفيٰ کانپوءِ ڄاڻايل عهدو خالي هو.