گمبٽ(ن.ع.آ ) گذريل رات دير سان گمبٽ جي هندو پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل ٽن ڄڻن 45 سالن جي رتن ڪمار, نينگر سندر شام, نينگر بالچند جي وارثن وٽ ڊي سي ۽ ايس ايس پي خيرپور پهچي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون وفاق سرڪار ۽ سنڌ سرڪار پاران گڏيل 10.10 لک جو اعلن ڪيو آهي جيڪا رقم وارثن کي ڏني ويندي. فوتي جي گهر جي دوري دوران ڊي سي خيرپور اي سي کي هدايت ڪئي . ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ليٽر لکيو وڃي ته جيئن گمبٽ ۾ جيڪي جڳهون ڪمزور ۽ ناقص قرار ڏنيون وينديون.انهن گهرن کي خالي ڪرايو ويندو بعد ۾ ڊي سي خيرپور شهر جو دورو ڪيو شهر ۾ برسات جو پاڻي بيهڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڪاوڙجي پيو ۽ شهر مان برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.