سامارو لڳ ھيرل سم نالي کي چوٿون گھارو

سامارو ( ن ع آ) سامارو  لڳ ھيرل سم نالي ۾ چاڙهه سبب مختلف ھنڌن تان گھارا پوڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو. گذريل ٽن ڏينھن  دوران  ھيرل سم نالي کي چوٿين جڳهه واٽر وٽان گھارو پئجي ويو. ڳوٺاڻن پنھجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪري ورتو.ڳوٺاڻن گلاب پٺاڻ، تارو ڪولھي، عالم ڪولهي،مولابخش، ميرحسن ۽ ٻين ميڊيا اگيان احتجاج ڪندي چيو ته  ھيرل سم نالي کي ٽن ڏينھن ۾ مختلف ھنڌن  تان 4 گھارا  پئجي چڪا آھن،  جنھن  ڪري 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ فصلن م پاڻي داخل ٿي ويو.هنن چيو ته  ھڪ گھاري کي ٻڌون ٿا ته ڀئي جڳهه تان گھارو پئجي ٿو وڃي. سم نالي جا ڪپر انتھائي ڪمزور آھن، ڪپرن کي مضبوط ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته کپرو، پٿورو ۽ شادي پلي مان سم نالي ۾ ڇوڙ ٿيندڙ  پاڻي کي فوري روڪي ھتان جي ماڻھن جي مال توڙِ جان جو تحفظ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.