وفاقي وزير ساجد حسين طوري سان ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان ۾ ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر ديدي فيصل وفاقي وزير ساجد حسين طوري سان ان جي  آفيس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفا لاڳاپن، ملائيشيا ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جي موقعن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر جو وفاقي وزير جي آفيس پهچڻ تي شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفاقي وزير ساجد حسين طوري چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي گڏيل لاڳاپا مضبوط ثقافتي ۽ مذهبي اقدار تي ٻڌل آهن. جنهن کي پاڪستان ۽ سندس عوام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن چيو ته وزارت سڄي دنيا ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي هر قسم جي سهولتن ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهي ۽ قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ هتي جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد هتي جي حڪومت ۽ عوام جي مهمان نوازي سان گهڻا خوش آهن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ترقي لاءِ وزارت جي ڪوششون قابل ستاش آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ اهميت جو حامل آهي. وفاقي وزير ساجد حسين طوري هائي ڪمشنر کي شيلڊ به پيش ڪئي ۽ ان جي سفارتي خدمتن کي ساراهيو.

  • نجڪاري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن جو جائزه اجلاس

اسلام آباد (اي پي پي) نجڪاري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن جو جائزه اجلاس اڱاري ڏينهن هتي نجڪاري واري وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ارم اي خان سميت ٻيا اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري اعلان مطابق ان موقعي تي وفاقي وزير کي پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، نيشنل پاور پارڪس مئنجمينٽ ڪمپني ۽ پاور سپلاءِ ڪمپنين جي نجڪاري تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران پاڪستان اسٽيل ملز جي بحاليءَ جي حوالي سان معاملن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز ملڪي انڊسٽريءَ جو اهم يونٽ آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت انڊسٽريءَ جي بحاليءَ لاءِ سيڙپڪارن کي بهترين معاونت فراهم ڪري رهي آهي.  نجڪاري واري وزارت چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي اڳيان وڌنداسين.

  • هلندڙ مهيني ڪمرشل صارفين جي بلن ۾ اضافي رقم ايف بي آر جو سيلز ٽيڪس آهي: توانائي وزارت

اسلام آباد (اي پي پي)بجلي ۽ توانائيءَ واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هلندڙ مهيني  ڪمرشل صارفين جي بلن ۾ اضافي رقم ايف بي آر جو سيلز ٽيڪس آهي، ان جو بجلي جي قيمت سان ڪوبه تعلق ناهي. اڱاري ڏينهن هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته هلندڙ مهيني ڪمرشل صارفين جي بلن ۾ اضافي رقم ايف بي آر جو سيلز ٽيڪس آهي، جيڪو وفاقي بجيٽ ۾ واپاري تنظيمن جي رضامنديءَ سان شامل ڪيو ويو هو. ترجمان مطابق بجلي جي وِرڇيندڙ ڪمپنين ايف بي آر لاءِ سيلز ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سيلز ٽيڪس جو بجلي جي قيمت سان ڪو تعلق ناهي.

  • ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاڪستان ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد جو اجلاس

اسلام آباد (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته موجوده حڪومت  واپاري برادريءَ کي سازگار ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان جي اعتماد کي وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پاڪستان ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان اجلاس جي صدار تڪندي ڪيو. ان موقعي تي مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، پي ٽي اِي اي چيئرمين شائق جاويد، پيٽرن ان چيف پي ٽي اِي اي خرم مختار، سيڪريٽري جنرل پي ٽي اِي اي عزيز الله گوهير، چيئرمين ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ جو وقتي گورنر ۽ فنانس ڊويزن جي سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وفد وفاقي وزير کي انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ريفنڊز، دير سان ادائگين ۽ مٽاسٽا واري شرح بابت ان شعبي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن حڪومت کان انهن مسئلن جي حل لاءِ مدد جي درخواست ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده حڪومت واپاري برادريءَ کي سازگار ۽ دوستاڻو ماڻهو فراهم ڪري رهي آهي ۽ وفد کي يقين ڏياريو ته ان جو اعتماد وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي واري وزير لاڳاپيل عملدارن کي انهن جي خدشن کي دُور ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وفد سهڪار ۽ مسئلن کي هاڪاري انداز ۾ حل ڪرڻ تي ناڻي واري وزير جو شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.