ميرپورخاص تعليم کاتي ۾لکين رپين جي ڪرپشن

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص تعليم کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن تان استاد تنظيم جي اڳواڻن انڪشاف ڪندي لکين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. استاد تنظيم جي اڳوڻي مرڪزي سينيئر نائب صدر شاهين اختر سنگھيڙا چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري تعليم سميت ٻين اختيارين ڏانهن ليٽر لکندي ڄاڻايو آهي ته 19 هين گريڊ جي محمد عثمان سومرو کي 7 فيبروري 2022ع تي ڊي اي او پرائمري ميرپورخاص مقررڪيو ويو، پنهنجي مقرري بعد هن هڪ ڪروڙ 25 لک (12.5 ملين) جا مختلف ڪاسٽ سينٽرن مان غيرقانوني طور بل پاس ڪرايا جڏهن ته ڊسٽرڪٽ آفيسر 10 لک 77 هزار (1.77 ملين) جا بل پڻ مختلف مدن ۾ پاس ڪرايا جن مان اسٽيشنري جي خريداري لاءِ 51 هزار روپين جا بل پاس ڪرايا پر هڪ رپئي جي به اسٽيشنر خريد نه ڪئي ويئي، يونيفارم جي مد ۾ 25 هزار رپين جا بل پاس ڪرايا پر ڪنهن به ننڍي اسٽاف کي هڪ به يونيفارم نه ڏنو ويو، جون جي مهيني ۾ مختلف شين جي خريداري (Others) واري هيڊ مان 75 هزار روپين جا بل پاس ڪرايا پر ڪجھ به نه ورتو ويو، فرنيچرفڪسچر جي هيڊ مان 1 لک 50 هزار روپين جا بل پاس ڪريا ويا پر هڪ ڪرسي به نه ورتي ويئي، ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ 3 لک روپين جا بل پاس ڪرايا ويا پر ان جون قانوني گھرجون پوريون نه ڪيون ويون جڏهن ته سندس مقرري فيبروري ۾ ڪئي ويئي هئي. پي او ايل واري هيڊ مان 5 لک روپين جا بل پاس ويا جڏهن ته اڳوڻي ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن نويد عالم ابڙو سرڪاري ڪلٽس ڪار مئي جي مهيني ۾ هينڊ اوور ڪئي ته ڪهڙي ريت ممڪن آهي ته هزار سي سي واري ڪار ٻن مهينن ۾ 5 لک روپين جو تيل استعمال جڏهن ته ڊي اِي او پرائمري ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمنٽ ڪاميٽي جو ميمبر هجڻ جي ڪري استادن جي ڀرتي جا ليٽر جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ٻين ڪمن ۾ پنهنجي ميرپورخاص جي آفيس کان ڊائريڪٽر جي ميرپورخاص واري آفيس تائين اچ وڃ ڪرڻ ۽ اجلاسن ۾ مصروف هو جڏهن ته جون جي مهيني ۾ اسڪولن جي ويڪيشنون هجڻ جي ڪري اسڪول پڻ بند هئا ته سندس اسڪولن جا دورا به ممڪن نه هئا. ان ڪري سائين جن کي گذارش آهي ته ڄاڻايل انگ اکرن جي جاچ ڪرائي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پ ٽ الف ميرپورخاص ڊويزن جي صدر اعظم هزاروي رابطو ڪرڻ تي چيو ته اسان جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ پاران ڊي اِي او جي ڪرپشن جي حوالي سان لکيل درخواست ۾ هڪ سئو 10 سيڪڙو حقيقت تي ٻڌل آهي ان جي ڪاپي اسان کي پڻ ڏني ويئي آهي اسين ان اهم مسئلي تي لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائينداسين ۽ ڪرپشن کي وائکو ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.