غازي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ عورتن تي تشدد ڪيو ويو: لال جروار

حيدرآباد( رپورٽر )  عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر  مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ مٿان پوليس جو اسرائيلي فورس جيان ڪڙڪي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري، ڪيترن ئي نياڻين، معصوم ٻارڙن ۽ ضعيف ٻڍن کي زخمي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت عالمي سامراجي قوتن جي حڪمن تحت ڪراچي جون قديم سنڌي  وسنديون ڊاهي، افغانين ۽ ٻين پناهگيرن جون غيرقانوني طور ٺاهيل ڪالونيون پڪيون ڪري، سنڌ سنڌين کان ڦري پرڏيهي دهشتگردن حوالي ڪري رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته غيرقانون طور بارڊر پار ڪري، سنڌ ۾ داخل ٿي هٿيار ۽ منشيات اسمگلنگ ڪندڙ افغاني ۽ ٻيا پرڏيهي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت انهن پرڏيهين جون وسنديون ڊاهڻ بدران غيرقانوني قبضن ۾ انهن جي سرپرستي ڪري، سندن ڪالونين کي پڪو ڪري کين غيرقانوني شناختي ڪارڊ پڻ ٺاهي ڏنا آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود سنڌ حڪومت پرڏيهي دهشتگردن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاء تيار ناهي پر سنڌي ماڻهن جي قديم وسندين کي بلڊوز ڪري، سنڌي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت سنڌ پوليس کي حڪمناما جاري ڪري سنڌي عوام سان جنگي قيدين کان به بدتر سلوڪ ڪري رهي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سپريم ڪورٽ کان گھر ڪئي آهي ته  سنڌي ماڻھن کي زرداري مافيا طرفان ڪراچي مان نيڪالي ڏيڻ واري سازش خلاف سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽس وٺي ۽ سنڌي ماڻھن سان انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.