جروار پوليس قتل ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا

ميرپورماٿيلو  ( ن ع آ ) جروار پوليس پاران قتل ڪيس جي گرفتار جوابدار شبير احمد ولد حاڪم بوزدار کان جاچ دوران قتل ۾ استعمال  ٿيل ڪلاشنڪوف ۽ 5 گوليون ھٿ ڪري ورتيون آهن جروار پوليس موجب جاچ دوران جوابدار پوليس کي ساڻ وٺي ڳوٺ رسول بخش بوزدار ۾ هڪ قبرستان ۾ ٻوٽن مان ڪلاشنڪوف ۽ 5 گوليون ڪڍي ڏنيون آهن ۽ جوابدار اهو اعتراف ڪيو آهي ته ڪلاشنڪوف بغير پرمٽ جي آهي پوليس جوابدار کي بنا لائيسنس جي ڪلاشنڪوف رکڻ جو ھڪ ٻيو ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، ياد رھي ته ڄاڻايل گرفتار جوابدار 2 هفتا اڳ قتل ٿي ويل گل حسن لغاري جي قتل ڪيس ۾ گهربل هو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو جنهن قتل جو اعتراف ڪندي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.