مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ گذريل مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي 8 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ

اسلام آباد (اي پي پي) مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ گذريل مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي 8 سيڪڙو جي اوسر  واري شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي. قومي شماريات اداري طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال 2022ع ۾ مشينري جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 10.92 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو  جيڪو مالي سال 2021ع جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي.  مالي سال 2021ع ۾ مشينري جي آمدني واپار تي 10.14 ارب ڊالر جي مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو هو. جون ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 54 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، انگن اکرن مطابق جون ۾ مشينري جي آمدني واپار تي 587 ملين ڊالر جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل سال جون جي ڀيٽ ۾ 54 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل سال جون ۾ مشينري جي آمدني واپار تي 1.282 ارب ڊالر جو ناڻو خرچ ٿيو هو.

  • هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي ۾ پاڪستان جي چين ڏانهن روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد (اي پي پي) چين ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ ساليانو اضافو ٿيو آهي جيڪو  هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي ۾ 1.918 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪو گذريل سال جي ساڳي مدي ۾ 1.728 ارب ڊالر کان 10.97 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق ڪووڊ-19 جي وبا جي صورتحال جي باوجود ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيو آهي.

  • سريلنڪا ۾ ڪورونا ۾ اضافي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي شهرين کي ماسڪ پائڻ جي هدايت

ڪولمبو (اي پي پي ) سريلنڪا ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اضافي جي خدشن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي فيس ماسڪ جي استعمال جي هدايت ڪئي وئي آهي . چيني خابرو اداري سريلنڪا جي صحت واري وزارت  جي ڊائريڪٽر جنرل اسيلا گنا وردينا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي .  جنهن سبب شهرين کي غير ضروري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ، پبلڪ ٽرانسپورٽ ذريعي سفر دوران ۽ عوامي اجتماعن ۾ فيس ماسڪ جي استعمال  جي هدايت ڪئي وئي  آهي.

  • سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 13 هزار 439 ٽيسٽون ڪيون ويون

اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 13 هزار 439 ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته مثبت شرح 2.76 سيڪڙو رهي. اڱاري ڏينهن اين آءِ ايڇ طرفان ٽوئيٽ ۾ جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 13 هزار 439 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 371 مريضن جي رپورٽ مثبت آئي.  اهڙي طرح 24 ڪلاڪن دوران مثبت ٽيسٽن جي شرح 2.76 سيڪڙو رهي. ان کان علاوه ان دوران ڪورونا وائرس سبب هڪ مريض فوت ٿي ويو جڏهن ته 184 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.