لعلو رائنڪ ۾اوڌر تي سيمنٽ نه ڏيڻ تان دڪاندار گولي هڻي زخمي،شهرين جو ڌرڻو

لعلورائنڪ (رپورٽ:بدرالدين مغيري) لعلو رائنڪ ۾اوڌر تي سيمنٽ نه ڏيڻ ۽ ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ تي بااثر شخص هٿياربندن سان گڏجي دڪاندار دين محمد خاصخيلي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ  بعد کيس آڱرين ۾گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.ٻڌايو وڃي ٿو ته سميع چانڊيو سيمينٽ نه ڏيڻ ۽ ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ تي تاءَ ۾ اچي دڪاندار دين محمد خاصخيلي تي پسٽل جا فائر ڪيا،شهرين جي پهچڻ تي هٿياربند فرار ٿي ويا.زخمي دڪاندار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو  جڏهن ته جوابدارنخلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ شهري گڏ ٿي ويا،شهرين ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪيو،.جنهن بعد سميع چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ عبدالستار چانڊيو خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ هو ته موبائل گاڏي خراب آهي پر شهرين موبائل کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪيو جڏهن ته  ايف آئي آر داخل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شهرين وارھ-لاڙڪاڻو مک روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو. شهرين جو چوڻ هو ته جيسيتائين جوابدار گرفتار نه ٿيندو ڌرڻو جاري رهندو. هنن ،ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.ٻئي طرف زخمي دڪاندار دين محمد خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سميع چانڊيو دڪان تي اچي گارگند ڪندي چيو ته تون منهنجي ڪال ڇو نه ٿو کڻين ۽ مون کي سيمينٽ ڇو نه ٿو ڏين، ايئن چئي پسٽل ڪڍي مون تي فائر ڪيو، گولي منهنجي آڳوٺي ۾ لڳي، فائر جي آواز تي منهنجا مزدور ۽ دڪاندار پهچي ويا، جن منهنجي جان بچائي ورتي. هن چيو ته منهنجي جان کي وڌيڪ خطرو آهي،مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.